ڪوئٽا -03 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل چيو آهي، ته صحافت جي آزادي آئيني حق ۽ جمهوري ضرورت آهي، صحتمند، باخبر ۽ منصفاڻي معاشري لاءِ صحافت جي آزادي اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ ڪيو. پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گورنر چيو ته صحافت جي آزادي …
صحتمند، باخبر ۽ منصفاڻي معاشري لاءِ صحافت جي آزادي اڻٽر آهي: جعفر خان مندوخيل

مزید خبریں
ڪوئٽا -03 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل چيو آهي، ته صحافت جي آزادي آئيني حق ۽ جمهوري ضرورت آهي، صحتمند، باخبر ۽ منصفاڻي معاشري لاءِ صحافت جي آزادي اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ ڪيو. پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گورنر چيو ته صحافت جي آزادي آئيني حق ۽ جمهوري ضرورت آهي، اظهار جي آزادي جديد دنيا ۾ آڪسيجن برابر آهي، جنهن کان سواءِ سمورن جمهوري نظامن جو ساهه ٻوساٽجي ٿو. هن چيو ته زندگي جي ٻين شعبن وانگر ميڊيا به ڊجيٽلائيزيشن جي نون رجحانن سان متعارف ٿي رهي آهي، ميڊيا جي آزادي وڌيڪ قابل پهچ ۽ وڌيڪ حساس آهي. هن چيو ته اڄ اسان صحافت جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، انهن دلير ميڊيا پرسنز کي جن فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اسان سينئر صحافين جي خدمتن ۽ قربانين جو قدر ڪيون ٿا ۽ کين ڪڏهن به فراموش نه ڪنداسين، ان کان علاوه اسان نوجوان صحافين جي حقن ۽ روزگار جي تحفظ کي به يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته هاڻي آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ روبوٽڪ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ڪاغذ ۽ قلم جي ڪلچر کان اڳيان وڌي هن نئين دور جي شروعات آهي. البته سمورن ميڊيا پروفيشنلز کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڊجيٽل جرنلزم سان ڳنڍجڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ان لاءِ اوهان جديد اوزارن کي اختيار ڪيو، نئين ٽيڪنالاجيز ۾ مهارت حاصل ڪيو، سائنسي ايجادن سان پاڻ کي آشنا ڪيو ۽ انهن تي مڪمل عبور حاصل ڪيو، اهڙي طرح اوهان پنهنجي علم ۽ تجربي کي پنهنجي صوبي جي عوام جي بهترين مفادن لاءِ ڪتب آڻڻ جي قابل بڻجي ويندا.











