لاهور-02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي حوالي سان رانديگرن، ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ ٻين شهرين لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان گهرو وزير محسن نقوي هتي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ان حوالي سان امن امان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گهرو …
وزيراعظم شهباز شريف پاران پي ايس ايل جي فائنل ميچ لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
لاهور-02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي حوالي سان رانديگرن، ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ ٻين شهرين لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان گهرو وزير محسن نقوي هتي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ان حوالي سان امن امان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گهرو وزير، وزيراعظم کي پي ايس ايل جي فائنل ميچ جو بندوبست ڪرڻ جي حوالي سان سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي حوالي سان رانديگرن، ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ ٻين شهرين لاءِ بهترين انتظام ڪيا وڃن











