لاڙڪاڻي ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد ايم پي اي سردار خان چانڊيو سان ايف پي بچاءُ بند آر بي او ڊي سم نالي جو دورو ڪيو

لاڙڪاڻو /وارھه-02 مئي (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ جي وفد جو پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو سان گڏُ ايف پي بچاءُ بند آر بي او ڊي سم نالي جو دورو ڪري  کير ٿر جبل ۽ بلوچستان سميت مختلف نئين توڙي برساتن جي ايندڙ پاڻي جي نقصان کان بچاءَ لاءِ پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو پاران وفد کي بريفنگ ڏني. جڏھن ته ورلڊ …

لاڙڪاڻو /وارھه-02 مئي (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ جي وفد جو پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو سان گڏُ ايف پي بچاءُ بند آر بي او ڊي سم نالي جو دورو ڪري  کير ٿر جبل ۽ بلوچستان سميت مختلف نئين توڙي برساتن جي ايندڙ پاڻي جي نقصان کان بچاءَ لاءِ پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو پاران وفد کي بريفنگ ڏني. جڏھن ته ورلڊ بئنڪ جي وفد ڊاڪٽر وليم، سيد فرخ حسن شيخ ۽ سردار خان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته2007ع، 2010ع ۽ 2022ع ۾ آيل نئين ۽ برساتن جي پاڻي سوين ڳوٺن ۽ هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي نقصان ڏنو ۽ 2022ع جي برساتن ۽ سم نالن جي پاڻي تمام گهڻو نقصان پهچايو. قمبر ضلعي جي عوام کي نقصان کان بچائڻ لاء سنڌ حڪومت جي تعاون سان ورلڊ بئنڪ جي وفد ڪالهه ايف پي  بند ۽ آر بي او ڊي جو معائنو ڪيو آھي ته جيئن سم نالي ۽ حمل ڍنڍ جي ڪپرن جي وڌيڪ مضبوط ڪري  نقصان ڪار پاڻي کي آساني سان ڪيئن نيڪال ڪجي ۽ ان پاڻي مان علائقي کي سرسبز ڪري عوام جي خوشحالي بابت غور ويچار ڪيو آهي.جڏھن ته سردار خان چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بهترين قدم کڻي  رهي آهي سندس ڪوششن سان انشاءَالله ورلڊ بئنڪ نقصانڪار پاڻي کي بهترين رستو ڏيڻ سان گڏوگڏ ننڍا ڊيم پڻ ٺاهيندي جن مان آبادگار آبادي ڪري علائقي کي خوشحال ڪندا.ان موقعي تي چيف انجنيئر مختيار ابڙو، ميونسپل قمبر چيئرمين نوابزاده ريحان خان چانڊيو پاڪستان پيپلزپارٽي  تعلقي وارھه جو صدر  ۽ ٻيا موجود هئا.

مزید خبریں