اسلام آباد -02 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ جي ترقي ۾ مدد ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي فوڪس گروپ جو ورچوئل اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آر اي آءِ ٽيز فريم ورڪ جي استحڪام، اقتصادي سرگرمين ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي ۾ مدد کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي …
ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ جي اوسر ۾ مدد ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي جي استحڪام بابت ورچوئل اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد -02 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ جي ترقي ۾ مدد ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي فوڪس گروپ جو ورچوئل اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آر اي آءِ ٽيز فريم ورڪ جي استحڪام، اقتصادي سرگرمين ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي ۾ مدد کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي اهم اسٽيڪ هولڊرز به شرڪت ڪئي. فنانس ڊويزن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي وفاقي وزير اسٽيڪ هولڊرز جي فعال شموليت جي تعريف ڪئي ۽ پاليسي ڊائيلاگ ۾ سهڪار ڪرڻ ۾ ڪاروباري برادري، مالياتي ادارن ۽ مارڪيٽ جي شرڪت جي تعميري ڪردار کي تسليم ڪيو. هن مسلسل ۽ منظم مشاورت جي اهميت تي زور ڀريو ته اهو يقيني بڻائي سگهجي ته سڌارن جون ڪوششون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هجن، عملي غور ۽ فڪر جي بنياد ۽ وسيع اقتصادي مقصدن سان هم آهنگ رهن. اجلاس ۾ آر اي آءِ ٽيز سيڪٽر جي ترقي جي اهم شعبن تي به غُور ڪيو. شرڪت ڪندڙن ٽيڪسيشن فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ، آر اي آءِ ٽي جاري ڪندڙن جي سهولتن جي عمل ۾ بهتري ۽ سيڙپڪارن جي شرڪت کي وڌائڻ لاءِ مجموعي طور تي مارڪيٽ ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائن جو به جائزو ورتو. ان موقعي تي متوازن سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول کي برقرار رکڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان ۾ آر اي آءِ ٽي مارڪيٽ شروعاتي طور اڳڀرائي ڪئي آهي. جڏهن ته هدف، پاليسي قدم ۽ بهتر هم آهنگي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي اهم صلاحيت اڃا به آهي، هن طريقيڪار جي مسئلن جي خاتمي، ريگيوليٽري گهرجن ۾ وضاحت کي يقيني بڻائڻ ۽ اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ صف بندي کي هٿي وٺائڻ وارن شعبن لاءِ اهم قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته آر اي آءِ ٽيز ريئل اسٽيٽ جي سيڙپڪاري کي معيشت جي پيداواري شعبن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ۽ شفاف طريقيڪار فراهم ڪن ٿا. هن دستاويزن کي هٿي وٺائڻ ۽ ريئل اسٽيٽ، تعمير ۽ ترقي جي شعبن کي باضابطا بڻائڻ سان گڏوگڏ سرمائي جي ورهاست ۽ اقتصادي سرگرمين کي بهتر بڻائڻ ۾ ان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي سيرپڪارن جي شرڪت کي وڌائڻ ۽ مارڪيٽ جي گهرائي کي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو ويو. ان موقعي تي سيڙپڪارن جي آگاهي ۾ اضافي، آر اي آءِ ٽي اوزارن تي اعتماد جي استحڪام ۽ ثانوي مارڪيٽ جي اثرائتي ڪم کي يقيني بڻائڻ، سيرپڪارن جي داخلي ۽ خارجي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مارڪيٽ جي ترقي کي برقرار رکڻ کي اهم حصي طور اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان جي آر اي آءِ ٽي فريم ورڪ کي عالمي طريقن سان هم آهنگ ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو. ته سادگي، وضاحت ۽ عمل درآمد ۾ آساني کي برقرار رکي سگهجي. شرڪت ڪندڙن عملي ۽ بهتر ڪيليبريٽڊ قدمن کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي غير ضروري پيچيدگين کي شامل ڪرڻ کان سواءِ مارڪيٽ جي ترقي کي اثرائتي طريقي سان مدد فراهم ڪن ٿا. ناڻي واري وزير سهولت، شفاف ۽ پاليسي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪوت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي، جدت جي حمايت ۽ پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽن کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار ۽ جامع اقتصادي ترقي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. اجلاس ۾ عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو، ڊولمين گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو، ٽي پي ايل ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو، پرائيويٽ سيڪٽر جي ٻين شرڪت ڪندڙن، ڪمشنر سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن، ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪس پاليسي آفيس ۽ ناڻي وزات جي اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.











