اسلام آباد - 02 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جي هيرو نائب صوبيدار محمد عمران، تمغه بسالت پنهنجي شاندار جنگي ڪارڪردگي جو داستان بيان ڪندي چيو آهي ته هو زيرو لائن تي پوسٽ ڪمانڊر جا فرض سر انجام ڏي رهيو هو، هن عزم ڪيو هو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻو آهي. هن چيو ته اسان جي زبردست فائرنگ سبب دشمن بي حال ٿي ويو، دشمن جو …
معرڪه حق جو هيرو نائب صوبيدار محمد عمران، تمغه بسالت جي شاندار جنگي ڪارڪردگي جو داستان

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جي هيرو نائب صوبيدار محمد عمران، تمغه بسالت پنهنجي شاندار جنگي ڪارڪردگي جو داستان بيان ڪندي چيو آهي ته هو زيرو لائن تي پوسٽ ڪمانڊر جا فرض سر انجام ڏي رهيو هو، هن عزم ڪيو هو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻو آهي. هن چيو ته اسان جي زبردست فائرنگ سبب دشمن بي حال ٿي ويو، دشمن جو مورال ڪِري پيو ۽ ان ۾ جوابي ڪاروائي ڪرڻ جي همت نه رهي. ان دوران دشمن جي آرٽلري فائر سبب زخمي پڻ ٿي پيس، پر مان ايتري قدر پرجوش هئم جو مون کي محسوس ئي نه ٿيو ته ڪو زخمي ٿيو آهيان، منهنجي ساٿي مون کي ٻڌايو ۽ مرهم پڻ لڳايو. واضع رهي ته معرڪه حق ۾ زبردست ڪارڪردگي تي نائب صوبيدار محمد عمران کي تمغه بسالت سان نوازيو ويو آهي.











