لاڙڪاڻو-02 مئي(اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ قتل ٿيل 22 ورهين جي مرڪ کوکر جي قاتلن کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويو. تفصيل موجب گرفتار جوابدارن فياض کوکر ۽ نياز کوکر رحمتپور ٿاڻي جي حد رضوان ڪالوني اندر 22 سالن جي نينگري مرڪ کوکر کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو هو، جڏهن ته واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ويو. مقتول مرڪ کوکر هڪ جوابدار جي ننهن ۽ هڪ جي ڀاڄائي هئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري …
لاڙڪاڻو ۾ مرڪ کوکر جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-02 مئي(اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ قتل ٿيل 22 ورهين جي مرڪ کوکر جي قاتلن کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويو. تفصيل موجب گرفتار جوابدارن فياض کوکر ۽ نياز کوکر رحمتپور ٿاڻي جي حد رضوان ڪالوني اندر 22 سالن جي نينگري مرڪ کوکر کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو هو، جڏهن ته واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ويو. مقتول مرڪ کوکر هڪ جوابدار جي ننهن ۽ هڪ جي ڀاڄائي هئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پوليس کاتي جي مهارت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي انڌي قتل ڪيس کي ظاهر ڪرڻ تي ڊي ايس پي صدر سول لائينز سعد جبار ۽ سندس ٽيم جي تعريف ڪندي انهن لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ جاري جا حڪم جاري ڪيا آهن. جڏهن ته قتل جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ سميت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











