واشنگٽن – 02 مئي (اي پي پي) آمريڪي دفاع کاتو (پينٽاگون) جرمني مان اٽڪل 5000 آمريڪي فوجين کي ڪڍڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جنهن جي هڪ سينيئر دفاعي عهديدار تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان فيصلي جي پسمنظر ۾ جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز جا تازا بيان آهن،جن کي آمريڪي اختيارين ”نامناسب ۽ غير مددگار“ قرار ڏنو. مرز تازو ئي ايران خلاف آمريڪي فوجي حڪمت عملي کي ”منصوبو“ قرار …
پينٽاگون پاران جرمني مان 5 هزار آمريڪي فوجين کي ڪڍڻ جو منصوبو

مزید خبریں
واشنگٽن – 02 مئي (اي پي پي) آمريڪي دفاع کاتو (پينٽاگون) جرمني مان اٽڪل 5000 آمريڪي فوجين کي ڪڍڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جنهن جي هڪ سينيئر دفاعي عهديدار تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان فيصلي جي پسمنظر ۾ جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز جا تازا بيان آهن،جن کي آمريڪي اختيارين ”نامناسب ۽ غير مددگار“ قرار ڏنو. مرز تازو ئي ايران خلاف آمريڪي فوجي حڪمت عملي کي ”منصوبو“ قرار ڏيندي چيو هو ته آمريڪا ايراني قيادت هٿان ناڪام ٿي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جرمن اڳواڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته هو ”حقيقتن کان نا واقف“ آهي ۽ ايران جي ايٽمي عزمن کي سنجيدگي سان ناهي وٺي رهيو. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو ته جرمني ۾ آمريڪي فوجي موجودگي ۾ گهٽتائي جو فيصلو جلدي ڪري سگهجي ٿو. هن اهو به اشارو ڏنو ته اسپين ۽ اٽلي ۾ به آمريڪي فوجين جو انگ گهٽجي سگهي ٿو. ٻئي پاسي جرمن پرڏيهي وزير يوهان واڊيفل چيو جرمني امڪاني آمريڪي فوجي گهٽتائي لاءِ تيار آهي. انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڃاڻي جرمني ۾ 36000 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مقرر هئا، جن ۾ اٽڪل 1500 ريزرو اهلڪار ۽ 11500 سويلين عملو به موجود آهي. آمريڪي يورپي ڪمانڊ ۽ آفريقي ڪمانڊ جا هيڊڪوارٽرز به قائم آهن، جڏهن ته رامشٽائن ايئر بيس آمريڪي آپريشنز لاءِ هڪ اهم مرڪز سمهجيو وڃي ٿو.











