رياض – 02 مئي (اي پي پي) ڪدانه ڊويلپمينٽ ڪمپني طرفان منيٰ وادي ۾ حج پانڌيئڙن جي رهائش لاءِ تيار ڪيل خيمن کي قطعي شڪل ڏني پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني جو چوڻ آهي ته منيٰ وادي جي عارضي خيما وسندي ۾ 45 هزار کان وڌيڪ لڳايا ويا آهن جيڪي 3.5 ملين چورس ميٽر ايراضي تي ٻڌل آهن. ڪمپني پاران مقدس هنڌن (منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه) ۾ حج جي …
مقدس هنڌن تي حج تياريون، منيٰ ۾ 45 هزار کان وڌيڪ خيما لڳايا ويا

مزید خبریں
رياض – 02 مئي (اي پي پي) ڪدانه ڊويلپمينٽ ڪمپني طرفان منيٰ وادي ۾ حج پانڌيئڙن جي رهائش لاءِ تيار ڪيل خيمن کي قطعي شڪل ڏني پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني جو چوڻ آهي ته منيٰ وادي جي عارضي خيما وسندي ۾ 45 هزار کان وڌيڪ لڳايا ويا آهن جيڪي 3.5 ملين چورس ميٽر ايراضي تي ٻڌل آهن. ڪمپني پاران مقدس هنڌن (منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه) ۾ حج جي حوالي سان جديد انفراسٽرڪچر تيار ڪيو آهي جنهن تحت جامع خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. حج ڏينهن ۾ مقدس هنڌن جي مستقل بنيادن تي صفائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ منصوبا جوڙيا ويا آهن جڏهن ته ماحول کي ٿڌو رکڻ لاءِ 6 هزار کان وڌيڪ ڦوار پولز، 1500 چورس ميٽر في ڪلاڪ جي گنجائش جي پنج آپريشن اسٽيشن کان علاوه 25 هزار واٽر ٽينڪن جو به بندوبست ڪيو ويو آهي. ڪمپني مختلف هنڌن تي 195 گرانڊ مينٽيننس سينٽرز قائم ڪيا آهن جڏهن ته ٽي هزار کان وڌيڪ ٽيڪنيشنز جو به بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن سڌارن ۽ مرمت جي ضرورت پيش اچڻ تي فوري طور ٽيمن کي متاثر هنڌن تي روانو ڪري سگهجي. مقدس هنڌن تي فراهم ڪيل بنيادي ضرورتن جي حوالي سان ڪمپني ٻڌايو ته ڪدانه 3400 واش روم ڪمپليڪس ۽ 212 موبائل يونٽس فراهم ڪيا آهن جڏهن ته صفائي لاءِ 2500 ڪارڪنن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.











