سنڌ جي وڏي وزير  پاران صوبي ۾ سستي بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي ورڇ لاءِ صوبائي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن فريم ورڪ ذريعي هڪ جامع منصوبي جو اعلان

ڪراچي -پهرين مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ سستي بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي ورڇ لاءِ صوبائي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن فريم ورڪ ذريعي هڪ جامع منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد گهريلو صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. اھڙو اعلان هن ڊنمارڪ جي سفير ماجا ڊيربرگ مورٽينسن سان وزيراعليٰ هائوس …

ڪراچي -پهرين مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ سستي بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي ورڇ لاءِ صوبائي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن فريم ورڪ ذريعي هڪ جامع منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد گهريلو صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. اھڙو اعلان هن ڊنمارڪ جي سفير ماجا ڊيربرگ مورٽينسن سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي، سيڙپڪاري جي موقعن، تجديد جوڳي توانائي۽ ماحولياتي استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي ٽرانسميشن ڪمپني ذريعي مؤثر نموني پهچائڻ لاءِ مختلف منصوبن تي سرگرمي سان ڪم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته اسان جو مقصد آهي ته پيداوار جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ۽ لائن لاسز گهٽائي، گهريلو ۽ صنعتي صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي سڌو فائدو ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيندو.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ نه رڳو بجلي جي پيداوار پر ان جي ورڇ ۾ به فعال ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي ۽ خاص طور تي انهن علائقن لاءِ جتي بجلي جي فراهمي محدود آهي ۽ صنعتي علائقن کي بنا رڪاوٽ سستي بجلي مهيا ڪئي وڃي.هن صوبي ۾  تجديد جوڳي توانائي جي وڏي امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته سنڌ وٽ خاص طور سامونڊي پٽيءَ تي هوائي توانائي جا وسيع موقعا موجود آهن۔ هن چيو ته ونڊ ڪوريڊور جي ترقي ۽ لاڳاپيل منصوبن سان سنڌ صاف توانائي جو علائقائي مرڪز بڻجي سگهي ٿي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي  وڏي وزير، ڊينش ڪمپنين کي هوائي توانائي ۽ ٻين گرين انرجي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني۔ڊينمارڪ جي سفير مورٽينسن سنڌ جي تجديد جوڳي توانائي شعبي، خاص طور تي هوائي توانائي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ماحول دوست منصوبن جي حمايت لاءِ پنهنجي ملڪ جي عزم کي ورجايو۔ هن چيو ته گرين انرجي ۾ سهڪار سان سيڙپڪاري جا نوان در کلي سگهن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن ٿا۔ملاقات دوران ساحلي ترقي تي به ڌيان ڏنو ويو، جتي وڏي وزير ڪيٽي بندر جي حڪمت عملي اهميت کي اجاگر ڪيو۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت هن تاريخي بندرگاهه کي جديد ڊيپ سي پورٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي ته جيئن ڪراچي جي موجوده بندرگاهن تي دٻاءُ گهٽجي ۽ نوان معاشي موقعا پيدا ٿين.مراد علي شاهه چيو ته ڪيٽي بندر وٽ اقتصادي سرگرمين ۽ علائقائي واپار جو وڏو مرڪز بڻجڻ جي وڏي صلاحيت آهي  ۽ ان جي ترقي ۾ دلچسپي رکندڙ ڊينش سيڙپڪارن کي مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي۔ڊينش سفير پڻ ڪيٽي بندر جي امڪانن کي تسليم ڪندي چيو ته ان جي ترقي سان علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ نمايان واڌارو اچي سگهي ٿو۔ملاقات جي آخر ۾ ٻنهي ڌرين توانائي، ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ نون موقعن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو ۽ پاڪستان-ڊنمارڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو۔ گڏوگڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن جي مڪمل ٿيڻ تي هڪ ٻئي کي مبارڪون پڻ ڏنيون ويون۔وڏي وزير ٻيهر ورجايو ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، خاص طور انهن شعبن ۾ جيڪي پائيدار ترقي، توانائي جي سلامتي ۽ صنعتي واڌاري کي هٿي ڏين ٿا.

مزید خبریں