ڊونلڊ ٽرمپ پاران يورپ ۾ آمريڪي فوجين جو انگ گهٽ ڪرڻ جو اشارو، اتحادي ملڪن تي تنقيد

واشنگٽن-پهرين مئي(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو يورپ جي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ملڪن ۾ آمريڪي فوج جو انگ گهٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پنهنجي يورپي اتحادين تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اشارو ڏنو ته اسپين ۽ اٽلي ۾ آمريڪي فوجي موجودگي گهٽ ڪري سگهجي ٿي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ …

واشنگٽن-پهرين مئي(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو يورپ جي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ملڪن ۾ آمريڪي فوج جو انگ گهٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پنهنجي يورپي اتحادين تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اشارو ڏنو ته اسپين ۽ اٽلي ۾ آمريڪي فوجي موجودگي گهٽ ڪري سگهجي ٿي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ هن جرمني ۾ به فوجين جي امڪاني گهٽتائي جو اشارو ڏنو هو. هن يورپي ملڪن تي الزام لڳايو ته هنن آمريڪا اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار ۾ مناسب تعاون نه ڪيو، ٽرمپ جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هو تمام گهڻو خراب ڪم ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں