گڏيل قومون-پهرين مئي(اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته آبنائي هرمز جي ڊگهي بندش عالمي معيشت لاءِ شديد تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٽي امڪاني منظرناما پيش ڪيا. بدترين صورت ۾ جيڪڏهن آبنائي هرمز سال جي آخر تائين بند رهي ته عالمي مهانگائي 6 سيڪڙو کان وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته اقتصادي …
آبنائي هرمزجي ڊگهي بندش عالمي معيشت لاءِ تباهي آڻيندڙ ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-پهرين مئي(اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته آبنائي هرمز جي ڊگهي بندش عالمي معيشت لاءِ شديد تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٽي امڪاني منظرناما پيش ڪيا. بدترين صورت ۾ جيڪڏهن آبنائي هرمز سال جي آخر تائين بند رهي ته عالمي مهانگائي 6 سيڪڙو کان وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته اقتصادي اوسر واري شرح 2 سيڪڙو تائين ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته ان جي نتيجي ۾ خاص طور تي دنيا جي غريب آبادي شديد مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي، جڏهن ته عالمي ٻاڙائي جو خطرو به وڌي ويندا جنهن جا اثر معيشت، سياست ۽ سماجي استحڪام تي پوندا. هن چيو ته بهترين صورت ۾ به جيڪڏهن اڄ ئي پابنديون ختم ٿي وڃن ته سپلائي چين کي بحال ٿيڻ ۾ مهينا لڳندا جنهن سبب گهٽ معاشي پيداوار ۽ مهانگائي برقرار رکندي. هڪ ٻي منظرنامي ۾ هن چيو ته جيڪڏهن رڪاوٽ سال جي وچڌاري تائين جاري رهي ته عالمي معاشي ترقي 2.5 سيڪڙو تائين ڪري سگهي ٿي ۽ ناڻي واڌ 5.4 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. جڏهن ته وڌيڪ ٽي ڪروڙ 20 لک ماڻهو غربت ۽ 4 ڪروڙ 50 لک ماڻهو شديد بک جو شڪار ٿي سگهن ٿا، انتونيوگوتريش سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو فوري طور تي آبنائي هرمز کولين ۽ جهاز راني جي آزادي کي بحال ڪن جيئن ته اسلامي ڪائونسل جي قرارداد 2817 ۾ چيو ويو آهي. هن زور ڀريو ته صرف رستا کولڻ ئي ڪافي ناهي پر جهاز راني کي محفوظ ۽ سيڪيورٽي کي به يقيني بڻائڻو پوندو. گڏوگڏ هن ڌرين تي زور ڀريو ته هو ڪنهن به اهڙي قدم کان پاسو ڪن جيڪو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ موجود نازڪ جنگ بندي کي نقصان پهچائي سگهي، ۽ ڳالهين ذريعي امن جي راهموار ڪن.











