پاڪستان جي حمايت سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ڏکڻ سوڊان مشن ۾ هڪ سال جي واڌ جو اعلان

گڏيل قومون-پهرين مئي(اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڏکڻ سوڊان ۾ مقرر امن مشن جي مدت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪندي ان کي 30 اپريل 2027ع تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 15 مان 13 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ پاڪستان به شامل هو جڏهن ته چين ۽ روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ڏکڻ سوڊان 2011ع ۾ آزادي کانپوءِ مسلسل سياسي عدم …

گڏيل قومون-پهرين مئي(اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڏکڻ سوڊان ۾ مقرر امن مشن جي مدت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪندي ان کي 30 اپريل 2027ع تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 15 مان 13 ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ پاڪستان به شامل هو جڏهن ته چين ۽ روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ڏکڻ سوڊان 2011ع ۾ آزادي کانپوءِ مسلسل سياسي عدم استحڪام ۽ انساني بحران جو شڪار آهي جنهن جي روشني ۾ عالمي برادري امن مشن جي تسلسل کي ضروري قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب نمائندي عثمان جدون چيو آهي ته پاڪستان امن مشن جي حمايت ڪندي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته تجويز ڪيل تبديلين تي خدشن جو اظهار پڻ ڪيو. ان موجب زميني صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوجين جي انگ ۾ گهٽتائي مناسب ناهي ۽ ان کي شهرين جي تحفظ، امن مشن جي موثريت متاثر ٿي سگهي ٿي. قرارداد موجب مشن جو بنيادي مقصد شهرين جو تحفظ، انساني امداد جي فراهمي، امن معاهدي تي عملدرآمد ۾ مدد ۽ انساني حقن جي نگراني آهي. جڏهن ته سلامتي ڪائونسل زور ڀريو آهي ته انهن ترجيحن کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي.

مزید خبریں