اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊ سيني ورٿني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ثقافتي تعاون، ورثي جي تحفظ، مذهبي سياحت ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي غور ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر سان گڏ سريلنڪا جو ناليوارو ٻڌ راهب، موسٽ وينيريبل ٿيبو به موجود هو. وفاقي وزير وفد جي آجيان …
قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊ سيني ورٿني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ثقافتي تعاون، ورثي جي تحفظ، مذهبي سياحت ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي غور ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر سان گڏ سريلنڪا جو ناليوارو ٻڌ راهب، موسٽ وينيريبل ٿيبو به موجود هو. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سريلنڪن ڀائرن ۽ ڀينرن خاص ڪري ٻڌ برادري لاءِ پنهنجا دروازا کولي رکيا آهن ته جيئن هو پاڪستان جي تاريخي ٻڌ ورثي ۽ مقدس ماڳن جو دورو ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، خاص ڪري انهن ملڪن لاءِ جن جي گنڌارا تهذيب سان تاريخي ۽ روحاني وابستگي موجود آهي. ريئر ايڊمرل (ر) فريڊ سيني ورٿني انهن قدم کي ساراهيندي چيو ته سندس لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه هوندي ته سندس مقرري دوران پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين ۽ ٻڌ برادري لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا پاڪستان لاءِ هڪ آزمايل ۽ ڀروسي جوڳو دوست ملڪ آهي، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته مضبوط لاڳاپن جو حقيقي استحڪام عوامي رابطن سان ئي ممڪن آهي، موسٽ وينيريبل ٿيبو ٻڌ ورثي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي ٿورو مڃيو ۽ گنڌارا تهذيب جي تاريخي ماڳن جي حفاظت کي ساراهه جوڳو قدم قرار ڏنو. وفاقي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان هن گڏيل ورثي جي تحفظ، بحالي ۽ عالمي سطح تي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌيڪ قدم جاري رکندو. هن چيو ته سريلنڪن حڪومت ۽ ماهرن جي تجويزن جي به آجيان ڪئي ويندي ته جين تحفظ ۽ بحالي جي طريقيڪار کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. ملاقات دوران اسلام آباد ۾ گنڌارا ڪارنر جي قيام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جتي گنڌارا ورثي کي محفوظ ۽ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. ٻنهي طرفان ان کي گڏيل ثقافتي تاريخ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. وفاقي وزير چيو ته گنڌارا تهذيب هن خطي جي منفرد سڃاڻپ آهي ۽ پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهي، هن چيو ته پاڪستان جا ٻڌ اڪثريتي ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ترجيحي بنيادن تي هٿي ڏني ويندي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان جون ثقافتون مختلف ٿي سگهن ٿيون پر اسان جو خطو گڏيل آهي ۽ ورثي جي تحفظ لاءِ اجتماعي ڪوششون پاڪستان ئي نه پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهن. وفد کي پاڪستان جي ٻڌ ورثي بابت اهم ماڳن، خاص ڪري ٽيڪسلا، تخت ڀائي، سوات وادي، ٿل ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت بريفنگ ڏني وئي، جن کي موثر انداز ۾ محفوظ ۽ بحال ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير سريلنڪن وفد کي ٻين ٻڌ ماڳن اسلام آباد ميوزم ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ نئين قائم ٿيل اسٽيٽ آف دي آرٽ اميروسو گئلري جي دوري جي پڻ دعوت ڏني، هن ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا پروگرام کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن گڏيل دوستي ۽ تعاون کي نوان رخ ڏئي سگهجن.











