اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي آبادي واري اداري (يو اين ايف پي اي) جي ڪنٽري نمائندي ڊاڪٽر لوائي شباني ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ انساني حقن واري وزارت جو سيڪريٽري عبدالخالق شيخ به موجود هو. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ، صنفي اڻبرابري جي قيام ۽ پاڪستان …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين ايف پي اي جي ڪنٽري نمائندي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي آبادي واري اداري (يو اين ايف پي اي) جي ڪنٽري نمائندي ڊاڪٽر لوائي شباني ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ انساني حقن واري وزارت جو سيڪريٽري عبدالخالق شيخ به موجود هو. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ، صنفي اڻبرابري جي قيام ۽ پاڪستان ۾ عورتن ۽ ٻين ڪمزور طبقن جي تحفظ لاءِ جاري تعاون ۽ ايندڙ ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين انساني حقن واري وزارت ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ پراڻي ۽ موثر حصيداري کي ساراهيو ويو. هن تعاون تحت پاڪستان جي آئيني ذميوارين ۽ عالمي واعدن موجب اهم قدمن جي حمايت ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر لوائي شباني جاري گڏيل قدمن تي روشني وڌي جن ۾ ننڍپڻ جي شادين جي خاتمي لاءِ قانوني فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪميونٽي سطح تي آگاهي پروگرام شامل آهن. عورتن خلاف صنفي بنياد تي تشدد ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت شڪايتن لاءِ جامع هيلپ لائين جي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ متاثرن لاءِ موثر رهنمائي ۽ ريفرل نظام کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌرين صنفي بنيادن تي تشدد (جي بي وي) جي ازالي لاءِ جامع قدمن جو جائزو ورتو جن ۾ روڪٿام، تحفظ ۽ موثر رد عمل جون حڪمت عمليون شامل آهن. پاليسي سازي، سروس فراهم ڪندڙ ادارن جي سگهه ۾ واڌ ۽ آگاهي مهمن جي حوالي سان يو اين ايف پي اي جي مدد کي ساراهيو ويو. صنفي بنيادن تي تشدد جي خاتمي لاءِ مردن ۽ ڇوڪرن جي شموليت بابت تازي قومي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن جو مقصد کين مثبت تبديلي جي موثر ڪردار طور متحرڪ ڪرڻ آهي، ملاقات ۾ اينٽي ريپ ڪرائسس سيلز لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي فائدن تي به غور ڪيو ويو جنهن ۾ اداره جاتي رد عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ متاثرن کي وقت سر انصاف سان گڏ نفسياسي، سماجي مدد ۽ بحالي جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو ويو، ڌرين گڏيل عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۾ صنفي مساوات کي هٿي وٺرائڻ، تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ حقن تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.











