هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان نيب چيئرمين جي ملاقات، سرڪاري اثاثن جي شفاف استعمال ۽ هائوسنگ سڌارن تي اتفاق

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان نيشنل اڪائونٽيلٽي بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سرڪاري اثاثن جي موثر استعمال، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ هائوسنگ سيڪٽر ۾ سڌارن بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير نيب چيئرمين جي آجيان ڪندي بدعنواني جي خاتمي …

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان نيشنل اڪائونٽيلٽي بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سرڪاري اثاثن جي موثر استعمال، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ هائوسنگ سيڪٽر ۾ سڌارن بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير نيب چيئرمين جي آجيان ڪندي بدعنواني جي خاتمي جي حوالي سان نيب جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته رياستي ادارن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ماضي جي ڪجهه فيصلن سبب قومي اثاثن کي مالي نقصان پهتو جنهن جي ازالي لاءِ موثر قدم اڻٽر آهن. ميان رياض حسين پيرزاده ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وفاقي وزارت ۽ سندس ذيلي ادارن کي جديد رخن تي آڻيندي کين پائيدار ۽ آمدني پيدا ڪندڙ ادارن ۾ تبديل ڪيو وڃي، هن گهٽ استعمال ٿيندڙ سرڪاري عمارتن کي پيداواري مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻ ۽ اثاثن جي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. ان موقعي تي نيب چيئرمين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري زمينن ۽ ملڪيتن کي هائوسنگ منصوبن لاءِ بهتر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون، هن عالمي هائوسنگ ماڊلز استعمال ڪرڻ ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني ته جيئن بعد ۾ انهن ماڊلز کي سڄي ۾ وڌائي سگهجي. هن شفاف پاليسي سازي ۽ بدانتظامي ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ نيب جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران وفاقي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد محمود ڪراچي ۾ وزارت جي انتظام هيٺ جائيدادن جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اٽڪل 512 ايڪڙ تي ٻڌل 3 هزار کان وڌيڪ رهائشي يونٽ اسٽيٽ آفيس جي دائري اختيار ۾ آهن جن ۾ ڪيترائي قانوني تڪرار ۽ غير قانوني قبضن جو شڪار آهن جنهن سبب قومي ناڻي کي نقصان پهچي رهيو آهي، هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي ۽ اداره جاتي هم آهنگي اڻٽر آهي جنهن ۾ نيب ۽ عدليه سان ويجهو تعاون اهم اهميت رکي ٿو. ملاقات جي پڄاڻي تي شفافيت کي هٿي وٺرائڻ، گورننس جي بهتري ۽ قومي اثاثن جي موثر استعمال ذريعي عوامي مفادن جي تحفظ جي عزم کي ورجايو ويو.

مزید خبریں