وزيراعظم شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن کي سندس سهولت موجب جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 اپريل تي نيوزيلينڊ جي هم منصب ڪرسٽوفر لڪسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ …

اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن کي سندس سهولت موجب جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 اپريل تي نيوزيلينڊ جي هم منصب ڪرسٽوفر لڪسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

مزید خبریں