آءِ بي سي سي پاران سالياني رپورٽ 2025ع جاري، رپورٽ امتحاني ۽ تشخيصي نظام ۾ اهم تبديلي جي عڪاس آهي

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) پنهنجي سالياني رپورٽ 2025ع جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪا پاڪستان جي امتحاني ۽ تشخيصي نظام ۾ هڪ اهم تبديلي جي سال جي عڪاسي ڪري ٿي. رپورٽ موجب آءِ بي سي سي رٽه سسٽم کان هٽي ڪري سمجهه تي ٻڌل (تصوراتي) تعليم کي فروغ ڏنو آهي، ان مقصد جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ماڊل اسيسمنٽ …

اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) پنهنجي سالياني رپورٽ 2025ع جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪا پاڪستان جي امتحاني ۽ تشخيصي نظام ۾ هڪ اهم تبديلي جي سال جي عڪاسي ڪري ٿي. رپورٽ موجب آءِ بي سي سي رٽه سسٽم کان هٽي ڪري سمجهه تي ٻڌل (تصوراتي) تعليم کي فروغ ڏنو آهي، ان مقصد جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ماڊل اسيسمنٽ فريم ورڪ (ايم اي ايف) لاڳو ڪيو ويو. ان تحت استادن ۽ امتحاني ماهرن کي جديد طريقن جهڙوڪ اسٽوڊنٽ لرننگ آئوٽ ڪمز (ايس ايل اوز)، بلومز ٽيڪسانومي ۽ بهتر سوال ٺاهڻ جي تربيت ڏني وئي جنهن سان امتحانن کي وڌيڪ شفاف ۽ معياري بڻايو ويو. سال 2025ع ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي ون ونڊو ڊيجيٽل ويريفڪيشن، اٽيسٽيشن ۽ ايڪويويلنس سسٽم جي شروعات هئي. ان سان شاگردن جي لاءِ سموريون خدمتون آسان، شفاف ۽ آن لائين ٿي ويون آهن ۽ هاڻي تصديق جو عمل به تيز ۽ محفوظ ٿي ويو آهي. آءِ بي سي سي نيشنل آئٽم بئنڪ قائم ڪري ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائي امتحاني نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. ان کانسواءِ غيرملڪي امتحاني بورڊز جي لاءِ هڪ نئون نظام پڻ متعارف ڪرايو ويو ته جيئن انهن جون سندون قومي معيار موجب هجن. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته سالياني رپورٽ 2025ع ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسان پاڪستان جي امتحاني نظام  کي شفاف، منصفاڻو ۽ عالمي معيار موجب بڻائي رهيا آهيون، اسان اهڙو نظام چاهيون ٿا جيڪو نوجوانن جي ضرورتن کي پورو ڪري ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ڏي. رپورٽ ۾ شاگردن جي لاءِ مختلف قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي جن ۾ ميرٽ تي پروگرامز، ٻاهرئين ملڪ تعليمي موقعا ۽ نمايان شاگردن جي لاءِ سهولتون شامل آهن. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي هايئر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (ايڇ ايس ايس سي) جي عالمي سطح تي سڃاڻپ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪيو ويو. اداري جي اندر به اهم فيصلا ڪيا ويا جهڙوڪ گريڊنگ نظام ۾ بهتري، امتحانن جي شيڊول، ايڪويويلنس پاليسيز ۽ ريسرچ ونگ جو قيام. اهي قدم آءِ بي سي سي جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿا. هي رپورٽ هڪ جديد، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل امتحاني نظام جي جهلڪ پيش ڪري ٿي جيڪا شفاف، موثر ۽ عالمي معيار موجب آهي.

مزید خبریں