پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جي گڏيل منافعي ۾ 9 مهينن دوران 8.8 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جي گڏيل منافعي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران 8.8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ڪمپنين پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ٿيل مالياتي بيانن موجب مالي سال جي پهرين نون مهينن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين کي 1243.30 ارب روپين جو خالص منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 1142.36 …

اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جي گڏيل منافعي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران 8.8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ڪمپنين پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ٿيل مالياتي بيانن موجب مالي سال جي پهرين نون مهينن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين کي 1243.30 ارب روپين جو خالص منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 1142.36 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 8.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي(جنوري کان مارچ 2026) دوران پاڪستان اسٽاڪ  ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جي خالص منافعي جو ڳاڻيٽو 456.52 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ان مدي جي 371.82 ارب رپي جي ڀيٽ ۾ 22.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ بينڪن کي گڏيل طور تي 483.91 ارب رپين جو ٽيڪس کان پوءِ جو منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 472.08 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو وڌيڪ آهي.ٽئين ٽه ماهي ۾ بينڪن ۾ خالص منافعي جو ڳاڻيٽو 169.98 ارب روپيا رهيو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 165.95 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

مزید خبریں