سنڌ جي گورنر سان پيپلز لائيرز فورم جي صدر جي وفد سان گڏ ملاقات

ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان پيپلز لائيرز فورم جي صدر قاضي ايم بشير پنهنجي وفد سميت گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ ۾ قانون جي بالادستي، عدالتي سڌارن ۽ انصاف جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفد گورنر سنڌ کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش …

ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان پيپلز لائيرز فورم جي صدر قاضي ايم بشير پنهنجي وفد سميت گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ ۾ قانون جي بالادستي، عدالتي سڌارن ۽ انصاف جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفد گورنر سنڌ کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ اجرڪ، سنڌي ٽوپي توڙي گلن جو هار پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، شفافيت ۽ عوام کي بروقت ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته مضبوط عدالتي نظام پائيدار ترقي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته بينچ ۽ بار وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته سائلين کي فوري ۽ مؤثر انصاف جي فراهمي لاءِ وڪيلن کي مثبت ۽ ذميوار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن زور ڀريو ته وڪيلن جو ڪردار مثالي، باوقار ۽ پيشه ورانه اصولن مطابق هجڻ گهرجي۔ان موقعي تي وفد وڪيل برادري کي درپيش مسئلن، عدالتي سهولتن جي کوٽ ۽ ضروري سڌارن بابت پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون۔گورنر سنڌ وڪيل برادري کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته حڪومت ۽ وڪيلن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن، جنهن تي ٻنهي ڌرين اتفاق پڻ ڪيو.

مزید خبریں