ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) پورهئي، افرادي اگهه ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني، پورهيتن جي عالمي ڏينهن (پهرين مئي) جي حوالي سان سڄي ملڪ جي پورهيتن کي مبارڪون پيش ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجي منشور تي مڪمل عملدرآمد جاري رکندي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ …
پاڪستان پيپلز پارٽي پورهيتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجي منشور تي مڪمل عملدرآمد جاري رکندي: سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) پورهئي، افرادي اگهه ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني، پورهيتن جي عالمي ڏينهن (پهرين مئي) جي حوالي سان سڄي ملڪ جي پورهيتن کي مبارڪون پيش ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجي منشور تي مڪمل عملدرآمد جاري رکندي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن جي بهتري لاءِ اهڙا ڪيترائي قانون منظور ڪرايا آهن، جن جو مثال ٻين صوبن ۾ گهٽ ملي ٿو. هن چيو ته عورت هارين ۽ هوم بيسڊ ورڪرز کي يونين ٺاهڻ جا حق ڏيڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪا موجوده حڪومت جي عملي قدمن جو نتيجو آهي.صوبائي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته “يونيورسلائيزيشن آف سوشل سيڪيورٽي” تحت صنعتي مزدورن سان گڏ هر شعبي سان لاڳاپيل مزدورن کي سوشل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو قانون سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي. هن قدم تحت رڪشا ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن، گهريلو ملازمن، مالهين ۽ دڪاندارن سميت سمورن مزدورن کي رجسٽر ڪري انهن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صحت ۽ تعليم جون مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون.سعيد غني چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جي بنياد مزدورن جي حقن تي رکيو، جنهن کي بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مزدورن لاءِ “بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ” جاري ڪري رهيا آهيون، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ صنعتي مزدورن کي ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ هن سهولت کي ٻين مزدورن تائين به وڌايو ويندو.آخر ۾ سعيد غني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مزدورن سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.











