ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت ۾ اجلاس

لاڙڪاڻو - 30 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي صدارت ۾ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ ماھوار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو …

لاڙڪاڻو – 30 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي صدارت ۾ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ ماھوار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي متعلق بريفنگ ڏيندي چيو ته اپريل مهيني ۾ 21 پيٽرول پمپن کي ايراني تيل جي غيرقانوني وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ سيل ڪيو ويو آهي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ مهم تحت سڄي ضلعي ۾ غير قانوني اڏاوتون ھٽايون پيون وڃن ان کان علاوه رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نان ڪسٽم گاڏين، سگريٽن ۽ نشي وارين سوپارين جو وڪرو ڪندڙن خلاف مختلف هنڌن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نشاندهي تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ھن وڌيڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلعي اندر ٽوٽل 249 مدرسا آھن جنهن مان 16 مدرسن ھن وقت تائين پنهنجي رجسٽريشن ڪونه ڪرائي آھي. انهن مدرسن کي رجسٽريشن لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مختلف دڪانن تي ڇاپا هڻي ست ھزار ست سئو پنجاهه پيڪٽ غيرقانوني سگريٽ ھٿ ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايندڙ مهيني لاءِ نوان ٽاسڪ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ چيو ته سڄي ضلعي ۾ جتي به انڪروچمينٽ جو مسئلو آهي انھن کي فوري طور ھٽايو وڃي. ته جيئن ضلعي کي غيرقانوني اڏاوتُن کان صاف رکيو وڃي، ضلعي اندر نان ڪسٽم گاڏين جي چُرپُر تي ڪَڙي نظر رکي وڃي. ھُن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته بلوچستان بارڊر جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ھر چيڪ پوسٽ جي نفري وڌائي وڃي ته جيئن سڄي ضلعي کي منشيات کان پاڪ بڻايو وڃي. ان کان علاوه ضلعي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪَڙي نظر رکي وڃي ته جيئن شدت پسند تنظيمن جي ماڻهن تي نظر رکي سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي ڳالھائيندي چيو ته ضلعي جيڪب آباد ۽ تعلقي قبو سعيد خان جي سرحدي پَٽي تي اسان جا جوان ڏينهن رات ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رھيا آھن ۽ ھر ايندڙ ويندڙ گاڏين جي سخت کان سخت چيڪنگ ڪري رھيا آھن ته جيئن ايراني تيل ۽ ٻئي اسمنگلنگ ٿيل سامان کي روڪي سگهجي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ،سڀني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ سرڪاري ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں