اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ هلندڙ سال 12 ۽ 13 جولاءِ تي پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم تيارين جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل وزارتن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعلى سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ هلندڙ سال 12 ۽ 13 جولاءِ تي پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم تيارين جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي هڪ بامقصد ۽ ڪامياب ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم جاري رکن. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري آمنه بلوچ، ڪابينا ۽ انساني حقن واري ڊويزنن جي سيڪريٽرين، او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سميت ناڻي، گهرو معاملن واري وزارتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











