اسلام آباد _30 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان مطابق ايران جي سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي تعميري ڪردار تي خوشي جو …
پيٽروليم واري وفاقي وزير سان ايران جي سفير جي ملاقات ، ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد _30 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان مطابق ايران جي سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي تعميري ڪردار تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون قدر جوڳيون آهن. وفاقي وزير ايراني سفير جي خيالن جي آجيان ڪندي خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











