انگور اڊه تي افغان طالبان جي سول آبادي تي فائرنگ ۽ گولابازي سبب ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا شديد زخمي، ڪيترائي گهر تباهه: تفصيل جاري

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) انگور اڊه تي افغان طالبان جي جارحيت سبب نقصانن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، افغان طالبان جي اشتعال انگيزي سبب ڪيترائي گهر تباهه، ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن. افغان طالبان رجيم هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊه ۾ سول آبادي تي بزدلاڻو حملو ڪيو، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊه ۾ 26 ۽ 29 …

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) انگور اڊه تي افغان طالبان جي جارحيت سبب نقصانن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، افغان طالبان جي اشتعال انگيزي سبب ڪيترائي گهر تباهه، ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن. افغان طالبان رجيم هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊه ۾ سول آبادي تي بزدلاڻو حملو ڪيو، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊه ۾ 26 ۽ 29 اپريل تي افغان طالبان سول آباد تي فائرنگ ۽ گولابازي ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وزيرستان لوئر افغان طالبان رجيم جي گولاباري سبب ٿيل نقصانن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته افغان طالبان جي اشتعال انگيزي سبب ڪيترائي گهر تباهه، ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا شديد زخمي ٿيا. افغان طالبان جي حملي جي زخمين کي فوري طبي امداد کانپوءِ ڊي آءِ خان ۽ پشاور منتقل ڪيو ويو. مقامي ماڻهن ۽ قبائلي چڱن مڙسن طرفان افغان طالبان جي بنا جواز جارحيت جي مذمت ڪئي وئي. انگور اڊه جي مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان مان فائرنگ ۽ گولاباري کي فوري بند ڪيو وڃي، افغان طالبان ۽ ان سان واڳيل خوارجي دهشتگرد ناپاڪ ارادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل عام شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

مزید خبریں