اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) افغان طالبان رجيم جا فتنه الخوارج جي سرپرستي جا رد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت منظر عام تي اچي ويا آهن، افغان سر زمين تي فتنه الخوارج کي نه صرف محفوظ پناهگاهون فراهم ڪيو ن ويون آهن پر پاڪستان ۾ مداخلت جي پڻ اجازت ڏني وئي آهي. اها حقيقت واضع ٿي چڪي آهي ته افغان طالبان فتنه الخوارج کي پاڪستان خلاف”اسٽريٽجڪ ايسٽ“ استعمال ڪري رهيا آهن. …
افغان طالبان رجيم جا فتنه الخوارج جي سرپرستي جا رد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت منظر عام تي اچي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) افغان طالبان رجيم جا فتنه الخوارج جي سرپرستي جا رد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت منظر عام تي اچي ويا آهن، افغان سر زمين تي فتنه الخوارج کي نه صرف محفوظ پناهگاهون فراهم ڪيو ن ويون آهن پر پاڪستان ۾ مداخلت جي پڻ اجازت ڏني وئي آهي. اها حقيقت واضع ٿي چڪي آهي ته افغان طالبان فتنه الخوارج کي پاڪستان خلاف”اسٽريٽجڪ ايسٽ“ استعمال ڪري رهيا آهن. افغانستان جي ڪنڙ صوبي مان فتنه الخوارج جي اڳواڻ عبدالحميد خراساني جي پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. ماهرن موجب فتنه الخوارج جي ڪمانڊر جو افغان طالبان جو طابع هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته افغان طالبان رجيم ئي حقيقت ۾ ان فتني جي پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ فتنه الخوارج جي موجودگي ثابت ڪري ٿي ته پاڪستان جو انهن جي خلاف آپريشن ”غضب للحق“ وقت جي ضرورت ۽ مڪمل طور تي حق تي آهي.











