لاڙڪاڻو- 30 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو سال 26-2025ع جي مُند لاءِ جاري ڪڻڪ جي خريداري واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪڻڪ خريداري مرڪز (ڊبليو پي سي) باقراڻي جو اوچتو دورو ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي عاشق حسين جتوئي ۽ خوراڪ کاتي جا ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. دوري دوران انچارج ڊبليو پي سي باقراڻي ڊپٽي ڪمشنر کي روزانو جي خريداري وارن ڪمن …
لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر پاران ڪڻڪ جي خريداري واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ باقراڻي ۾ ڪڻڪ خريداري مرڪز جو اوچتو دورو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 30 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو سال 26-2025ع جي مُند لاءِ جاري ڪڻڪ جي خريداري واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪڻڪ خريداري مرڪز (ڊبليو پي سي) باقراڻي جو اوچتو دورو ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي عاشق حسين جتوئي ۽ خوراڪ کاتي جا ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. دوري دوران انچارج ڊبليو پي سي باقراڻي ڊپٽي ڪمشنر کي روزانو جي خريداري وارن ڪمن بابت بريفنگ ڏني، جن ۾ هارين جي رجسٽريشن، معيار جي جاچ، تور جو طريقو ۽ ادائگي واؤچرن جو جاري ٿيڻ شامل آهي. ڊي سي هارين جي رجسٽر جو معائنو ڪيو ۽ مرڪز تي ڪڻڪ جمع ڪرائيندڙ آبادگارن جي داخلائن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن مرڪز تي موجود هارين سان روبرو ملاقات ڪري خريداري، بارداڻي جي ورڇ ۽ ادائيگين بابت سندن مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون. ڊي سي لاڙڪاڻي جي خوراڪ کاتي جي عملي کي هدايت ڪئي ته سمورن هارين جا ادائگي واؤچر روزانو جي بنياد تي تيار ڪري سنڌ بئنڪ ۾ جمع ڪرايا وڃن. هن واضح لفظن ۾ چيو ته هارين کي ادائگين ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به غفلت تي سخت انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي.ڊپٽي ڪمشنر زور ڀريو ته ڪڻڪ جي سمورن خريداري مرڪزن تي هارين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته مرڪزن تي ڇانو، پيئڻ جي ٿڌي پاڻي ۽ ويهڻ جا مناسب انتظام يقيني بڻايا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب ننڍن آبادگارن ۽ هاري ڪارڊ هولڊرز کي ترجيح ڏني وڃي. ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو ته ضلعي انتظاميا ڪڻڪ جي آبادگارن جي مفادن جي تحفظ ۽ خريداري جي شفاف عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن خبردار ڪيو ته ڪرپشن، غير قانوني ڪٽوتي، يا ڪنهن جي ملوث هجڻ جي ڪنهن به شڪايت سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.هن اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو فيلڊ ۾ موجود رهي ۽ تعلقي جي سمورن خريداري مرڪزن جي روزاني بنياد تي نگراني ڪري .











