اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) منشيات جي وڏي کيپ پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. تفصيل مطابق اي اين ايف منشيات لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀرپور ڪارروائيون جاري رکيون آهن، تازي ڪارروائي ۾ اي اين ايف ڪراچي پورٽ مان ڪيمرون موڪلي ويندڙ ڪنٽينر مان 180 ڪلوگرام آئيس (ميٿ ايمفيٽامين) هٿ ڪري ورتي. ڪيمرون ڏانهن اسمگل ٿيندڙ منشيات استعمال …
اي اين ايف پاران منشيات جي وڏي کيپ پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) منشيات جي وڏي کيپ پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. تفصيل مطابق اي اين ايف منشيات لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀرپور ڪارروائيون جاري رکيون آهن، تازي ڪارروائي ۾ اي اين ايف ڪراچي پورٽ مان ڪيمرون موڪلي ويندڙ ڪنٽينر مان 180 ڪلوگرام آئيس (ميٿ ايمفيٽامين) هٿ ڪري ورتي. ڪيمرون ڏانهن اسمگل ٿيندڙ منشيات استعمال ٿيل ڪپڙن جي ڳٺڙين ۾ لڪائي وئي هئي. منشيات هٿ ڪرڻ بعد اسمگلنگ نيٽ ورڪ ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي. اي اين ايف جي اها ڪامياب ڪارروائي عالمي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪس لاءِ وڏو نقصان آهي. ڪراچي پورٽ تي منشيات جي خاتمي جي اها ڪارروائي اي اين ايف جي بندرگاهن تي ڪارگو جي اثرائتي نگراني جو واضح ثبوت آهي.











