آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين سان ملاقات

واشنگٽن – 30 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفn لاڳاپن ۽ علائقائي امن جي صورتحال تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي سفير سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي ٻڌايو ته ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر …

واشنگٽن – 30 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفn لاڳاپن ۽ علائقائي امن جي صورتحال تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي سفير سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي ٻڌايو ته ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر سميت خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ملاقات دوران ڌرين عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي وسيع ڏي وٺ ڪئي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستاني سفير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو. ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ امڪاني روڊ ميپ تي به غور ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو.

مزید خبریں