سعودي عرب ۾ حج پانڌيئڙن جي آمد آسان بڻائڻ لاءِ موبائل ڪائونٽر متعارف

رياض – 30 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ حج پانڌيئڙن جي آمد آسان بڻائڻ لاءِ موبائل ڪائونٽر متعارف ڪرايا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽس مختلف عالمي داخلي هنڌن تي، هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستن تي موبائل ڪائونٽر ڊوائيسز فراهم ڪري رهيو آهي ته جيئن حج پانڌيئڙن لاءِ طريقيڪار کي آسان بڻائي سگهجي. اهي قدم جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي کنيا پيا وڃن جيڪي …

رياض – 30 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ حج پانڌيئڙن جي آمد آسان بڻائڻ لاءِ موبائل ڪائونٽر متعارف ڪرايا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽس مختلف عالمي داخلي هنڌن تي، هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستن تي موبائل ڪائونٽر ڊوائيسز فراهم ڪري رهيو آهي ته جيئن حج پانڌيئڙن لاءِ طريقيڪار کي آسان بڻائي سگهجي. اهي قدم جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي کنيا پيا وڃن جيڪي اعليٰ سطح جي سيڪيورٽي ۽ قابل اعتماد ڪارڪردگي کي يقيني بڻائيندي حج جي سفر کي وڌيڪ آسان بڻائين ٿا. خاص طور تي بزرگن ۽ معذور ماڻهن لاءِ موبائل ڪائونٽر مددگار ثابت ٿي رهيا آهن ڇو جو اهي آسان بايو ميٽرڪ ڊيٽا حاصل ڪن ٿا، انهن ڪائونٽرن تي پانڌيئڙن جي چهري جون تصويرون ۽ پاسپورٽ جي معلومات کي اثرائتي انداز ۾ پڙهجي ٿو جنهن سان انتظار جي ضرورت ناهي رهندي.

مزید خبریں