گڏيل قومون – 30 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي حمايت يافته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ تازي جنگ سبب لبنان ۾ 1.2 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي شديد بک کي منهن ڏيڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن انگن اکرن جو اعلان گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت تنظيم، عالمي غذائي پروگرام ۽ لبنان جي زراعت واري وزارت جي …
لبنان ۾ 1.2 ملين ماڻهو جنگ سبب شديد بک کي منهن ڏيندا: گڏيل قومن جي رپورٽ

مزید خبریں
گڏيل قومون – 30 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي حمايت يافته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ تازي جنگ سبب لبنان ۾ 1.2 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي شديد بک کي منهن ڏيڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن انگن اکرن جو اعلان گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت تنظيم، عالمي غذائي پروگرام ۽ لبنان جي زراعت واري وزارت جي گڏيل بيان ۾ ڪيو ويو آهي. انهن ادارن چيو ته اٽڪل 1.24 ملين ماڻهو، تجزيو ڪيل آبادي جي اٽڪل هڪ ڀاڱي چار، کي بحراني سطح تي يا اپريل ۽ آگسٽ 2026ع وچ ۾ ان کان به بدتر غذائي تحفظ کي منهن ڏيڻو پوندو. ادارن انٽيگريٽڊ فوڊ سيڪيورٽي فيز ڪلاسينيڪيشن (آءِ پي سي) جي تجزيي جو حوالو ڏنو، جيڪو بک ۽ غذائي کوٽ تي نظر رکندڙ گڏيل قومن جو حمايت يافته گروپ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حالتن جي ان خرابي جو سبب تڪرار، لڏپلاڻ ۽ معاشي دٻاءُ آهي. پائيدار ۽ وقت سر انساني همدردي ۽ آمدني جي ذريعن جي مدد فراهم ڪرڻ کانسواءِ شديد غذائي عدم تحفظ جي وڌيڪ گهرو ٿيڻ جو امڪان آهي.











