باڪو – 30 اپريل (اي پي پي) آذربائيجان ۽ گڏيل عرب امارات اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. آذربائيجان جي معيشت بابت وزير ميڪائل جباروف ابوظهبي مان آيل اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت اماراتي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير سعيد بن مبارڪ الهاجري ڪري رهيو هو. وفد ٻنهي ملڪن وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ شراڪتداري …
آذربائيجان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون

مزید خبریں
باڪو – 30 اپريل (اي پي پي) آذربائيجان ۽ گڏيل عرب امارات اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. آذربائيجان جي معيشت بابت وزير ميڪائل جباروف ابوظهبي مان آيل اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت اماراتي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير سعيد بن مبارڪ الهاجري ڪري رهيو هو. وفد ٻنهي ملڪن وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو به حصو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، گڏيل سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. معيشت بابت وزير مطابق ڳالهين ۾ گڏيل اقتصادي معاملن بابت بين الحڪومتي ڪميشن، واپاري ۽ فني سهڪار جي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. ان کان علاوه صنعت، توانائي، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نجي شعبي وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏئي اقتصادي شراڪتداري کي نين بلندين تائين کڻي وڃي سگهجي ٿو.











