نيوزيلينڊ جي اپيل ڪورٽ پاران ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن تي حملو ڪندڙ انتهاپسند پاران ڏوهه جو اعتراف واپس وٺڻ جي اپيل رد

ويلنگٽن _30 اپريل (اي پي پي ) نيوزيلينڊ جي اپيل ڪورٽ ۾ ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ ڪري 51 مسلمانن کي قتل ڪندڙ اڇي رنگ جي انتهاپسند پنهنجي ڏوهه جو اعتراف واپس وٺڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام رهيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن ججن جي پينل دهشتگرد بريٽن ٽيرنٽ جي ان دعوٰي کي رد ڪري ڇڏيو ته جيل جي صورتحال کيس دهشتگردي ، قتل ۽ قتل جي ارادي جي الزامن تي غير ارادي طور تي …

ويلنگٽن _30 اپريل (اي پي پي ) نيوزيلينڊ جي اپيل ڪورٽ ۾ ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ ڪري 51 مسلمانن کي قتل ڪندڙ اڇي رنگ جي انتهاپسند پنهنجي ڏوهه جو اعتراف واپس وٺڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام رهيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن ججن جي پينل دهشتگرد بريٽن ٽيرنٽ جي ان دعوٰي کي رد ڪري ڇڏيو ته جيل جي صورتحال کيس دهشتگردي ، قتل ۽ قتل جي ارادي جي الزامن تي غير ارادي طور تي ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ڪيو. آسٽريلوي شهري ، جيڪو هاڻي 35 سالن جو آهي ، مارچ 2019 ع ۾ جمعي جي نماز دوران ٻن مسجدن تي نيم خودڪار هٿيارن سان فائرنگ ڪري 51 نمازين کي قتل ۽ ڪيترن کي زخمي ڪيو هو .مارچ 2020ع ۾ بريٽن ٽيرنٽ ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو . سندس اپيل جي ناڪامي ، جيڪا مقرر قانوني مدي جي 505 ڏينهن بعد داخل ڪئي وئي، جو مطلب آهي ته اهڙو ڪيس ٻيهر ختم ٿي ويو آهي. ججن سندس ذهني بيماري جي دعوٰي به رد ڪندي چيو ته هو ڪنهن ذهني معذوري يا نا اهلي جو شڪار ناهي ٿيو جنهن سبب هو رضاڪاراڻي طورتي ڏوهه جو اعتراف نه ڪري سگهي . هن چيو ته هن پنهنجي ذهني حالت بابت گهمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سمورين شاهدين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن سوچي سمجهي ڪري اهو فيصلوڪيو هو . عدالت جي فيصلي ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ٽيرنٽ ٻڌڻي بعد پنهنجي اپيل ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر ججن ان کي به رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو معاملو عوامي دلچسپي جو آهي ۽ ان کي حتمي طور تي طئي ٿيڻ گهرجي.