ويڪسينيشن حاجين جي تحفظ ۽ پرسڪون حج لاءِ ضروري آهي:سعودي عرب جي صحت واري وزارت

رياض -30 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت ۽ پبلڪ هيلٿ اٿارٽي ڪجهه بيمارين جي هڪ لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪي جسماني معذوري سبب حاجين کي حج جي ادائيگي لاءِ جسماني صحت جو بحال هجڻ لاءِ اهم آهن. اهڙيون بيماريون جن جي ادائيگي لاءِ جسماني صحت کي خطرو ٿئي ٿو ، ان ۾ گڙدن جو فيل هجڻ ۽ جنهن لاءِ ڊائيلاسز جي ضرورت پوندي آهي، هارٽ فيل، جگر جي سروس، شديد دماغي …

رياض -30 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت ۽ پبلڪ هيلٿ اٿارٽي ڪجهه بيمارين جي هڪ لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪي جسماني معذوري سبب حاجين کي حج جي ادائيگي لاءِ جسماني صحت جو بحال هجڻ لاءِ اهم آهن. اهڙيون بيماريون جن جي ادائيگي لاءِ جسماني صحت کي خطرو ٿئي ٿو ، ان ۾ گڙدن جو فيل هجڻ ۽ جنهن لاءِ ڊائيلاسز جي ضرورت پوندي آهي، هارٽ فيل، جگر جي سروس، شديد دماغي بيماري، وڌيڪ عمر، ڊمنشيا کان علاوه ڳورهارين عورتن جن جي ڊيلوري ۾ آخري ٽي مهينا باقي هجن شامل آهن . صحت واري وزارت زور ڀريو آهي ته حج ڪندڙ صحت جي ضرورت کي پورو ڪن جيڪا کين آساني۽ آرام سان حج جي ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي . حاجين لاءِ هلندڙ سال حج تي اچڻ کان اڳ گردن ٽوڙ بخار جي ويڪسين لڳرائڻ لازمي آهي. ان کان علاوه انتهائي ڪمزور گروپن ۾ تجويز ڪيل ويڪسينيشن ۾ ڪووڊ _ 19 جي ويڪسينيشن شامل آهي . ان کان علاوه حاجين جن جي عمر 65 ورهين ۽ ان کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ڳورهارين عورتن جن جنوري 2025ع کان اڳ ڪورونا ويڪسين لڳرائي هجي کين گهرجي ته هو بوسٽر ڊوز به لڳرائين . هلندڙ سال حاجين لاءِ سيزنل انفلوئنزا ويڪسين شامل آهي . جيڪڏهن انهن سيٽمبر 2025 ع کان اڳ ويڪسين لڳرائي هئي ته کين گهرجي ته فلو جو بوسٽر ڊوز ضرور لڳرائين . وزارت جو چوڻ آهي ته ويڪسينيشن حاجين جي سيفٽي، سٺي صحت ۽ پرسڪون حج لاءِ ضروري آهي.