نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد  اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي نائب صدر ۽ اعلى نمائندي ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد  اسحاق ڊار يورپي يونين جي نائب صدر ۽ اعلى نمائندي ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن اڀرندڙ علائقائي صورتحال بشمول ان جي اقتصادي ۽ وسيع تر اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يورپي يونين جي نائب صدر ۽ اعلى نمائندي علائقائي امن ۽ …

اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد  اسحاق ڊار يورپي يونين جي نائب صدر ۽ اعلى نمائندي ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن اڀرندڙ علائقائي صورتحال بشمول ان جي اقتصادي ۽ وسيع تر اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يورپي يونين جي نائب صدر ۽ اعلى نمائندي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي مسلسل تعميري ۽ سهولتڪار ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اسلام آباد ۾ منعقد يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم جي ڪامياب انعقاد کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته اهو فورم حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں