سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ  جو 30 هون اجلاس، مائننگ وڌائڻ، ريل ۽ گرڊ ڪنيڪٽوٽي، ٽيرف کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري جي نون قدمن جو جائزو ورتو ويو

ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي مقامي توانائي واري شعبي ۾ اهم اڳڀرائي کي ظاهر ڪندي ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ  جي 30 هين اجلاس جي صدارت ڪئي جنھن ۾ مائننگ وڌائڻ، ريل ۽ گرڊ ڪنيڪٽوٽي، ٽيرف کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري جي نون قدمن جو جائزو ورتو ويو ته جيئن ٿر ڪول فيلڊ کي قومي توانائي ۽ صنعتي مرڪز طور ترقي ڏياري سگهجي. هن مقامي توانائي …

ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي مقامي توانائي واري شعبي ۾ اهم اڳڀرائي کي ظاهر ڪندي ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ  جي 30 هين اجلاس جي صدارت ڪئي جنھن ۾ مائننگ وڌائڻ، ريل ۽ گرڊ ڪنيڪٽوٽي، ٽيرف کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري جي نون قدمن جو جائزو ورتو ويو ته جيئن ٿر ڪول فيلڊ کي قومي توانائي ۽ صنعتي مرڪز طور ترقي ڏياري سگهجي. هن مقامي توانائي جي ترقي کي تيز ڪرڻ، ڪوئلي تي ٻڌل صنعتڪاري کي سگهه ڏيڻ، ۽ امپورٽ واري ٻارڻ تي ملڪي دارومدار کي گهٽائڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي بورڊ جي ميمبرن ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ۽ قانون بابت وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ (ويڊيو لنڪ ذريعي) صوبائي بورڊ جي ميمبرن بشمول تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، آبپاشي واي وزير ڄام خان شورو، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڊي جي ٽي سي اي بي طارق شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بورڊ ٿر ڪول جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو،  ۽ بورڊ ٽيرف سان لاڳاپيل اهم معاملن جي منظوري ڏني ۽ ٿر ڪول فيلڊ ۾ مائننگ، بجلي جي پيداوار ۽ ڊائون اسٽريم صنعتي سرگرمين کي سگهه ڏيڻ لاءِ سيڙپڪاري جي نين تجويزن تي غور ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي جي سيڪيورٽي ۽ معاشي استحڪام لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ ٿنڀ بڻجي اڀريو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ٿر ڪول صرف ڪوئلي جو منصوبو ناهي پر هي هڪ قومي معاشي موقعو آهي، اسان کي مائيننگ جي توسيع کي تيز ڪرڻو پوندو، انفراسٽرڪچر جي ڪنيڪٽويٽي کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ ٿر جي ڪوئلي کي ويلييو ايڊڊ صنعتي استعمال طرف وڌڻو پوندو.منصوبن جو جائزو وٺندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايس اي سي ايم سي فيز-III منصوبي موجب اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ سيپٽمبر 2026 ۾ ڪمرشل آپريشنز شروع ٿيڻ جي اميد آهي. ٿر ريلوي ڪنيڪٽويٽي پروجيڪٽ، بشمول مائنز کان نيو ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لنڪ ۽ لاڳاپيل ڪوئلي جي لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر، اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن ۾ خريداري جا وڏا سنگ ميل حاصل ڪيا ويا آهن. بلاڪ-II تي ريلوي ڪول لوڊنگ اسٽيشن، ٿر ڪول پروجيڪٽ سان واڳيل پنهنجي ملٽي ڪمپوننٽ توسيع پروگرام تحت لڳاتار اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ڪمپوننٽ-II ٿر ڪول مائنز کان نيو ڇور اسٽيشن تائين 105 ڪلوميٽر نئين سنگل لائين ريلوي ٽريڪ جي تعمير تي مشتمل آهي جڏهن ته ڪمپوننٽ-III بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر نون ڊبل لائين ٽريڪ آهي. ڪمپوننٽ IV ۾ پورٽ قاسم/ايل پي پي اسٽيشن تي ڪوئلي لاهڻ واري کڏ جي ترقي شامل آهي. رولنگ اسٽاڪ پلان موجب روزانو پنج ٽرينون هلنديون جن مان هر هڪ 40 بوگين تي مشتمل هوندي جنهن لاءِ روزانو آپريشن ۾ 200 بوگين جي ضرورت پوندي. ٻن ڏينهن جي ٽرن ارائونڊ ٽائيم سان گڏ، ڪل 400 بوگين جي ضرورت پوندي. مجموعي جسماني اڳڀرائي ظاهر ڪري ٿي ته ٽريڪ سان لاڳاپيل ڪم، بشمول ڪٽنگ ۽ فلنگ، 58.82 سيڪڙو تي آهن. مٽي جي ڪٽائي 61.99 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي، ڀراءَ لاءِ مٽي جو ڪم 92.45 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، ٿر ڪول بلاڪس I ۽ II لاءِ 132 ڪي وي حيسڪو گرڊ ڪنيڪٽيويٽي تي ڪم جاري آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ جو هدف 2028ع آهي ۽ ان جي شروع ٿيڻ تي بجلي جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي متوقع آهي. وفاقي وزير جي اين جي سي ڪميٽي 132 ڪي وي حيسڪو ڪنيڪشن کي سڀ کان گهٽ سيڙپڪاري ۽ گهٽ ۾ گهٽ وقت واري آپشن طور توثيق ڪئي آهي، ۽ لاڳاپيل اڀياس سان گڏ درخواستون اڳ ۾ ئي جمع ڪيون ويون آهن. هن منصوبي سان بجلي جي خرچن ۾ لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو گهٽتائي متوقع آهي، جيڪا 33 مان گهٽجي 13 آمريڪي سينٽ في ڪلو واٽ آور ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوئلي جي ٽيرف ۾ 0.7 ڊالر في ٽن گهٽتائي ۽ لڳ ڀڳ 9 ملين ڊالرن جي سالياني بچت متوقع آهي. گرڊ لنڪ اليڪٽرڪ گاڏين جي فليٽ ڏانهن منتقلي کي به ممڪن بڻائيندو، جنهن سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ وڌيڪ بچت ٿيندي جنهن جو ڪل ڪاٿو 5 ارب رپيا ۽ سيڙپڪاري جي واپسي جو مدو لڳ ڀڳ ٻه سال آهي. اسلام ڪوٽ ۾ گرڊ اسٽيشن ۽ نوڪوٽ-اسلام ڪوٽ ٽرانسميشن لائين مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اسلام ڪوٽ-مائن ٽرانسميشن لائين هن وقت تعمير هيٺ آهي. اي پي سي ٻولي ۽ ايوارڊ ع جي چوٿين ٽه ماهي لاءِ رٿيل آهن، جنهن کانپوري 2027-2028 دوران تعمير ٿيندي، جيڪا گرڊ پاور جي ڪمرشل آپريشن جي تاريخ تائين وٺي ويندي. ڪوئلي کي سڪائڻ، مائننگ فليٽ جي برقي ڪاري، ۽ ڊائون اسٽريم صنعتي استعمال پڻ اڳتي وڌي رهيا آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ريل ڪنيڪٽوٽي ۽ گرڊ پاور انٽيگريشن کي ترجيحي صوبائي انفراسٽرڪچر منصوبن طور ورتو وڃي ۽ چيو ته وقت سر تڪميل سان توانائي جي قيمت گهٽ ٿيندي ۽ مقابلي جي صلاحيت بهتر ٿيندي. هن ڀاڻ ۽ ٻين ڊائون اسٽريم سيڪٽرز سميت ٿر جي ڪوئلي جي وسيع صنعتي استعمال کي فعال ڪرڻ لاءِ نان-آئي پي پي ڪوئلي جي وڪري جي هدايتن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڀريو. بورڊ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ذريعي موڪليل سيڙپڪاري جي ٻن وڏين تجويزن تي غور ڪيو جنهن ۾ ٿرپاڪ انرجي اينڊ انڊسٽريلائيزيشن انيشيئيٽو يو ايس اي شامل آهي، جيڪو مربوط مائننگ، پاور، ۽ ڪول ٽو لڪئڊ/گيس منصوبن جي تجويز پيش ڪري ٿو. گيگا گروپ جي بلاڪ-VIII جي تجويز ۾ ڪوئلي جي مائننگ، 660 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ ۽ ڊائون اسٽريم صنعتي استعمال شامل آهن. مراد علي شاهه سيڙپڪارن جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو بئنڪ ايبل، عمل جوڳي ۽ ويلييو ايڊڊ سيڙپڪاري تي زور ڏيندي تجويزن جي وڌيڪ جاچ ڪن.وڏي وزير چيو ته سنڌ ٿر جي مقامي وسيلن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪرڻ ۽ امپورٽ جي دارومدار کي گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ هر اضافي يونٽ پاڪستان جي توانائي جي خودمختياري کي مضبوط ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوئلي، ٽرانسميشن، ريل ۽ صنعتي نظام جي ترقي کي گڏجي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن ڪول ٽو فرٽيلائيزر (ڪوئلي مان ڀاڻ)، صنعتي ٻارڻ جي استعمال، ۽ ايڪسپورٽ تي ٻڌل ڊائون اسٽريم صنعتن لاءِ بهتر صوبائي- وفاقي هم آهنگي ڳولڻ تي به زور ڏنو. بورڊ ٿر ڪول ٽيرف ڊٽرمينيشن ڪميٽي جي بلاڪ 1 ۽ بلاڪ 2جي ٽيرف معاملن بابت سفارشن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ملٽي ايئر ٽيرف ۽ ماهوار انڊڪسيشن ايڊجسٽمينٽ شامل آهن جڏهن ته ٽيرف ڊٽرمينيشن ڪميٽي جي ميمبرن جي عهدي جي مدي ۾ واڌ جي به توثيق ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايس اي سي ايم سي جي 7.6 ايم ٽي پي اي مائن جو ٽيرف 34.77 ڊالر في ٽن مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو درخواست ڪيل ٽيرف کان گهٽ آهي جڏهن ته ايس ايس آر ايل جو ٽيرف تعين استحڪام ۽ مستقبل جي توسيع ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ سيڪمڪ جي 2030ع تائين مائن جي گنجائش کي ساليانو 20 ملين ٽن تائين وڌائڻ جي ڊگهي مدي واري ويزن کي نوٽ ڪيو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل صنعتي قدمن، بشمول ڪوئلي مان يوريا ڀاڻ ٺاهڻ جي تجويز ڪيل پلانٽ، ٿر کي هڪ مربوط توانائي ۽ صنعتي مرڪز ۾ وڌيڪ تبديل ڪري سگهن ٿا. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته هو عملدرآمد جي رڪاوٽن کي ختم ڪن ۽ انفراسٽرڪچر، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ صنعتي واڌ بابت فيصلن ۾ تيزي آڻين. هن چيو ته ٿر سنڌ جي ترقياتي ويزن ۽ پاڪستان جي توانائي جي مستقبل لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، اسان کي تيزيءَ سان اڳتي وڌڻو پوندو.

مزید خبریں