ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوري آباد ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. سيد مراد علي شاهه حيدرآباد جي ڪمشنر کي حڪم ڏنو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. باهه واري واقعي بعد وڏي وزير فيڪٽري ۾ ڦاٿل سڀني ماڻهن کي فوري ۽ محفوظ طريقي سان نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. وڏي وزير پاران باهه تي جلد ضابطو آڻن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه وڏي …
سنڌ جي وڏي وزير نوري آباد ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

مزید خبریں
ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوري آباد ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. سيد مراد علي شاهه حيدرآباد جي ڪمشنر کي حڪم ڏنو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. باهه واري واقعي بعد وڏي وزير فيڪٽري ۾ ڦاٿل سڀني ماڻهن کي فوري ۽ محفوظ طريقي سان نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. وڏي وزير پاران باهه تي جلد ضابطو آڻن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه وڏي وزير واقعي ۾ غفلت جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي آهي.











