سنڌ جي وڏي وزير پاران گهٽ آمدني وارن علائقن ۽ صنعتي علائقن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي کاتي ۽ ڪي-اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي آهي ته اهي گڏيل طور تي ڪراچي ۾ بجلي جي واهپيدارن لاءِ هڪ ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام تي مطالعو ڪن جنهن جو مقصد متاثر گهراڻن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وڏي وزير گهٽ آمدني وارن علائقن ۽ صنعتي علائقن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته اونهاري …

ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي کاتي ۽ ڪي-اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي آهي ته اهي گڏيل طور تي ڪراچي ۾ بجلي جي واهپيدارن لاءِ هڪ ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام تي مطالعو ڪن جنهن جو مقصد متاثر گهراڻن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وڏي وزير گهٽ آمدني وارن علائقن ۽ صنعتي علائقن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته اونهاري جي شروعات سان گڏ غريب علائقن ۾ لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن اهي هدايتون اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ چيئرمين ڪي-اليڪٽرڪ شهريار چشتي سان ملاقات دوران جاري ڪيون. ملاقات ۾ ڪي-اليڪٽرڪ جي سي اي او سيد طحهٰ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پٺ تي پيل علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته اونهاري جي شروعات سان گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ سختيون وڌي ويون آهن ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ هڪ عملي حل ڳولڻ گهرجي، خاص ڪري غريب علائقن ۾. وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته لوڊشيڊنگ گهٽجي، خاص ڪري گهٽ آمدني وارن علائقن ۾ ۽ هڪ پائيدار حل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن غريب طبقي تي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو بار نه پوي. ملاقات دوران مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ بجلي جي واهپيدارن لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام تي پڻ هڪ مطالعو ڪيو وڃي، جنهن جو مقصد مستحق گهراڻن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. ڊگهي مدي واري حل تي بحث ڪندي وڏي وزير سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو خاص طور تي ٿر ڪول فيلڊ جي ڪوئلي کي استعمال ۾ آڻڻ ذريعي، ۽ تجويز ڏني ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ گهٽ قيمت واري بجلي ڪي-اليڪٽرڪ کي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اها غريب علائقن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سستي اگهه تي فراهم ڪري سگهجي. هن ائين به چيو ته سنڌ حڪومت ڪي-اليڪٽرڪ سان شراڪت جي امڪانن جو جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن صنعتي علائقن کي پيداوار وڌائڻ ۽ خرچ گهٽائڻ لاءِ چٽاڀيٽي واري قيمت تي بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو وڃي. چيئرمين ڪي-اليڪٽرڪ شهريار چشتي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ڪي-اليڪٽرڪ واهپيدارن کي رليف ۽ سروس جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ سنڌ حڪومت سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن مشاهدو ڪيو ته واهپيدارن کي پائيدار رليف ڏيڻ لاءِ گهٽ قيمت تي بجلي جي پيداوار ضروري آهي. وڏي وزير توانائي کاتي کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري توانائي ۽ ڪي-اليڪٽرڪ جي سي اي او تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو. ڪميٽي گهٽ آمدني وارن علائقن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ بابت سفارشون پيش ڪندي ۽ سبسڊي ۽ سپلاءِ جا ممڪن طريقا ڳوليندي. ملاقات ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪي-اليڪٽرڪ وچ ۾ توانائي جي وسيع تعاون جو پڻ جائزو ورتو ويو جنهن ۾ سستي قيمت، اڻ کٽ فراهمي ۽ گهٽ آمدني وارن واهپيدارن جي مدد تي ڌيان ڏنو ويو. 

مزید خبریں