ڪشمور پوليس هٿان هڪ ڪروڙ جي سفارش ڪيل بدنام ڌاڙيل فريد ميراڻي پنهنجي ساٿي ڀورو ميراڻي سميت مقابلي ۾ مارجي ويو

لاڙڪاڻو- 29 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران هڪ ڪروڙ جي سفارش ڪيل بدنام ڌاڙيل فريد ميراڻي پنهنجي ساٿي ڀورو ميراڻي سميت ڪشمور پوليس ھٿان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. پوليس ڪلاشنڪوف، بلڊ پروف جيڪٽ ۽ پسٽل پڻ هٿ ڪيا آهن. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جي بيان موجب،  ڪشمور ٿاڻي جي حد لائين پراڻي ويجهو پوليس کي اطلاع مليو ته ھٿيار بند ڏوھاري ڦر جي نيت سان بيٺل آهن. …

لاڙڪاڻو- 29 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران هڪ ڪروڙ جي سفارش ڪيل بدنام ڌاڙيل فريد ميراڻي پنهنجي ساٿي ڀورو ميراڻي سميت ڪشمور پوليس ھٿان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. پوليس ڪلاشنڪوف، بلڊ پروف جيڪٽ ۽ پسٽل پڻ هٿ ڪيا آهن. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جي بيان موجب،  ڪشمور ٿاڻي جي حد لائين پراڻي ويجهو پوليس کي اطلاع مليو ته ھٿيار بند ڏوھاري ڦر جي نيت سان بيٺل آهن. پوليس ٽيم جي پهچڻ تي هنن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ سبب ٻه انتهائي خطرناڪ ۽ اشتهاري ڌاڙيل مارجي ويا. مارجي ويل ڌاڙيل فريد ميراڻي 37 کان وڌيڪ ڪيسن جڏهن ته  ڀورو ميراڻي 8 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي انتهائي گهربل هئا. جن ۾ قتل، قتل جي ڪوشش، ٻارن جو اغوا، پوليس تي حملا، پوليس اهلڪارن جي شهادت، انڊس هاءِ وي تان ڦرون، اغوا ۽ ڀتاخوري سميت ڪيترائي ڏوهه شامل آهن. مارجي ويل ڌاڙيل ضلعي ڪشمور، گھوٽڪي، رحيم يار خان ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ ڏوهن جي ڪاررواين ۾ ملوث ۽ سرگرم رهيا آهن. مارجي ويل ڌاڙيل فريد ميراڻي جي سر جي قيمت لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ ڪروڙ روپيه انعام جي سفارش پڻ ڪئي وئي هئي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه ناصر آفتاب بدنام ڌاڙيل کي ساٿي سميت مارڻ تي ايس ايس پي ڪشمور ۽ لاڳاپيل پوليس ٽيمن لاءِ روڪ انعام ۽ اعزاز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

مزید خبریں