ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي) سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع جي تياري جي سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري سميت سنڌ جي وڏي …
سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع جي تياري جي سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس منعقد

مزید خبریں
ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي) سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع جي تياري جي سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري سميت سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، ڊپٽي سيڪريٽري خادم حسين ٻرڙو ۽ ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي۔اجلاس دوران تجويز ڪيل ايڪٽ جي قانوني ۽ فني پهلوئن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته آبادگارن جي تنظيم سازي ۽ ٻهراڙي واري معيشت کي مضبوط بڻائڻ بابت اهم تجويزون به غور هيٺ آنديون ويون. صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر هدايت ڪئي ته ايڪٽ کي سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ آبادگار اڳواڻن سان ڀرپور مشاورت ڪئي وڃي ته جيئن سندن تجويزن کي شامل ڪري قانون کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. هن چيو ته آبادگارن جي شموليت سان ئي هي قانون حقيقي طور فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو۔ان موقعي تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته تجويز ڪيل ايڪٽ جو بنيادي مقصد هارين کي گڏيل طور ڪم ڪرڻ لاءِ همٿائڻ آهي، جنهن سان زرعي پيداوار ۾ واڌارو ممڪن ٿيندو. صوبائي وزيرن اميد ظاهر ڪئي ته هن قدم سان نه رڳو زرعي شعبي ۾ بهتري ايندي پر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ معاشي خوشحالي کي پڻ هٿي ملندي۔











