لاڙڪاڻو - 29 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) سيد غضنفر علي شاھ سال 2025ع جي برسات دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل مسمات رضيه خاتون زال محمد جعفر مغيري کي امدادي چيڪ ڏنو. ياد رهي ته سنڌ حڪومت جي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان فوت ٿي ويل عورت جو نالو امدادي رقم جي منظوريءَ لاءِ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم …
لاڙڪاڻي ۾ برسات دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل عورت جو امدادي چيڪ سندس مڙس حوالي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 29 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) سيد غضنفر علي شاھ سال 2025ع جي برسات دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل مسمات رضيه خاتون زال محمد جعفر مغيري کي امدادي چيڪ ڏنو. ياد رهي ته سنڌ حڪومت جي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان فوت ٿي ويل عورت جو نالو امدادي رقم جي منظوريءَ لاءِ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ڏانهن موڪليو ويو هو جتان منظوريءَ بعد سندس معذور مڙس کي 20 لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو. ان موقعي تي ميئر لاڙڪاڻو ميونپسل ڪارپوريشن ايڊووڪيٽ انور علي لهر ۽ چيئرمين يونين ڪائونسل امپائر ٽائون وقار علي ڀٽو پڻ موجود هئا.











