بيجنگ-29 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين وڌيڪ هم خيال ملڪن جي ”گلوبل گورننس فرينڊز گروپ“ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ويانا ۾ چين جي مستقل مشن ”گلوبل گورننس فرينڊز گروپ“ ويانا ۾ قيام جو اعلان ڪيو. ان حوالي سان گذريل ڏينهن چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اها گذريل سال …
چين وڌيڪ هم خيال ملڪن جي ”گلوبل گورننس فرينڊز گروپ“ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان ڪري ٿو: چين جي پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
بيجنگ-29 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين وڌيڪ هم خيال ملڪن جي ”گلوبل گورننس فرينڊز گروپ“ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ويانا ۾ چين جي مستقل مشن ”گلوبل گورننس فرينڊز گروپ“ ويانا ۾ قيام جو اعلان ڪيو. ان حوالي سان گذريل ڏينهن چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اها گذريل سال ڊسمبر ۾ نيويارڪ ۽ هلندڙ سال فيبروري ۾ جنيوا ۾ ان نوعيت جي ”گروپ“ جي قيام کان پوءِ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي آهي. صرف پنجن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ هي گروپ 3 وڏن عالمي مرڪزن نيويارڪ، جنيوا ۽ ويانا ۾ قائم ٿي چڪا آهن ۽ ان جي ميمبرن جي انگ ۽ پهچ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. ترجمان چيو ته چين اميد رکي ٿو ته وڌيڪ ملڪ ان گروپ ۾ شامل ٿيندا، گڏيل قومن جي ڪردار ۽ اختيار کي مضبوط بنائڻ جي حمايت ڪنداسين ۽ عالمي طرزِ حڪمرانيءَ جي نظام جي اصلاح ۽ بهتريءَ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.











