ايل اين جي جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج ۾ اضافي سان رات جي وقت جو شارٽ فال ختم ٿي ويندو: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد_29 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن چيو آهي ته اڄ بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين رات جي پيڪ وقت ۾ 25 منٽن کان هڪ ڪلاڪ تائين لوڊ مينيجمينٽ ڪئي . ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان وارن فيڊرن تي اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ پاليسي تحت بجلي جي ورڇ ڪئي پئي وڃي. ايل اين جي جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج ۾ اضافي سان رات جي وقت جو شارٽ فال ختم ٿي ويندو. …

اسلام آباد_29 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن چيو آهي ته اڄ بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين رات جي پيڪ وقت ۾ 25 منٽن کان هڪ ڪلاڪ تائين لوڊ مينيجمينٽ ڪئي . ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان وارن فيڊرن تي اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ پاليسي تحت بجلي جي ورڇ ڪئي پئي وڃي. ايل اين جي جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج ۾ اضافي سان رات جي وقت جو شارٽ فال ختم ٿي ويندو. پاور ڊويزن جي ترجمان 28 اپريل تي رات پيڪ وقت ۾ بجلي جي صورتحال جي حوالي سان جاري بيان ۾ چيو آهي ته ڪالهه رات پيڪ ٽائيم ۾ پن بجلي جي پيداوار 6000 ميگا واٽ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ملڪ جي ڪل پن بجلي جي صلاحيت 11500 ميگا واٽ آهي . ڪجهه پاور پلانٽس کي مقامي گيس جي فراهمي سان بجلي پيداوار ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. پن بجلي ۽ اضافي مقامي گيس جي دستيابي سان بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان ملڪ جي نيشنل گرڊ ۾ استحڪام عيوض وڌيڪ 100 ميگا واٽ مرڪز ۾ آڻڻ ۾ آساني ٿي . ملڪ جي ڏکڻ واري گرڊ مان ڪل 500 ميگاواٽ جي فراهمي ممڪن ٿي، رات جو 8 وڳي بعد موسمي حالتن جي بنياد تي گهرج ۾ گهٽتائي سان ڪو لوڊ مينيجمينٽ ناهي ٿيو . ترجمان چيو ته اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ جو پيڪ آورز ۾ لوڊ مينيجمينٽ سان ڪو تعلق ناهي. ايل اين جي جي عالمي حالتن جي بنياد تي عدم دستيابي سان 500 ميگا واٽ پاور پلانٽس مان بجلي  پيدا ناهي ٿي رهي.

مزید خبریں