رياض-29 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب ۾ نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي حج 2026ع جي حوالي سان سائبر سيڪيورٽي انهانسمينٽ پروگرام تي عمل درآمد جاري رکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پروگرام جو مقصد حج سيزن دوران فني سسٽم ۽ خدمتن جي سائبر سيڪيورٽي کي وڌائڻ، سائبر سيڪيورٽي ۾ قومي سطح تي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، حج پانڌيئڙن ۽ ڄاڻايل ادارن جي عملي ۾ سائبرسيڪيورٽي بابت آگاهي کي وڌائڻ آهي ته جيئن حج …
سعودي عرب ۾ نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي پاران حج 2026ع جي حوالي سان سائبر سيڪيورٽي انهانسمينٽ پروگرام تي عمل درآمد جاري

مزید خبریں
رياض-29 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب ۾ نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي حج 2026ع جي حوالي سان سائبر سيڪيورٽي انهانسمينٽ پروگرام تي عمل درآمد جاري رکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پروگرام جو مقصد حج سيزن دوران فني سسٽم ۽ خدمتن جي سائبر سيڪيورٽي کي وڌائڻ، سائبر سيڪيورٽي ۾ قومي سطح تي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، حج پانڌيئڙن ۽ ڄاڻايل ادارن جي عملي ۾ سائبرسيڪيورٽي بابت آگاهي کي وڌائڻ آهي ته جيئن حج پانڌيئڙن کي بهتر ۽ محفوظ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. اٿارٽي موجب پروگرام جا چار بنيادي نڪتا آهن جنهن ۾ سائبر خطرن جي نگراني، ان جو فوري تدارڪ ، خطرن جو جائزو وٺڻ، سائبر مشقون ۽ آگاهي مهمون شامل آهن. ان حوالي سان 24 ڪلاڪ فعال رهڻ وارو هڪ مرڪزي سائيبر آپريشن روم به قائم ڪيو ويو آهي جيڪو خطرن جي نگراني ، تجزيو ۽ ڄاڻايل قومي ادارن سان معلومات جي ڏي وٺ جو ذميوار آهي. سائيبر حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙيون ويون آهن پروگرام تحت حج بابت اهم ڊجيٽل اثاثن ، خدمتن ۽ سسٽمز جي نشاندهي قومي سائبر سيڪيورٽي پورٽل ذريعي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مختلف ادارن کي ان جي سسٽمز ۽ خدمتن جي سيڪيورٽي جاچ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جا منصوبا به تيار ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ سائبر سيڪورٽي مشقون به منعقد ڪيون پيون وڃن جنهن جو مقصد ماڻهن کي جديد سائبرسسٽم جي طريقن کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن حج پانڌيئڙن کي اعليٰ معيار جون خدمتون فراهم ڪري سگهجن. آگاهي مهم تحت مختلف قدم به کنيا پيا وڃن جنهن ۾ قومي ادارن جي اهلڪارن لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام، جده ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ ۽ مدينه منوره جي امير محمد بن عبدالعزيز ايئر پورٽ تي انٽر ايڪٽو نمائش منعقد ڪرڻ، مڪي شريف ۽ مدينه منوره ۾ حج پانڌيئڙن جي رهائش، حج ۽ عمره سروس فراهم ڪندڙن ذريعي مختلف تعليمي مواد جي فراهمي شامل آهي.











