وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ خاص مددگار هارون اختر خان جي ملاقات

اسلام آباد- 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صحت واري وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪيل خاص قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم جي …

اسلام آباد- 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صحت واري وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪيل خاص قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان پڻ وزيراعظم کي پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري صحت اسلم غوري پڻ ان موقعي تي موجود هو.

مزید خبریں