اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي مقابلي جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري، ٺوس حڪمت عملي ۽ عوامي آگاهي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته تعميراتي شعبي ۾ حفاظتي رخن کي شامل ڪري زلزلن جي ڪري تباهي کي ممڪن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جا اثر اسان جي قومي يادداشت …
تعميراتي شعبي ۾ حفاظتي رخن کي شامل ڪري زلزلن جي ڪري تباهي کي ممڪن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي مقابلي جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري، ٺوس حڪمت عملي ۽ عوامي آگاهي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته تعميراتي شعبي ۾ حفاظتي رخن کي شامل ڪري زلزلن جي ڪري تباهي کي ممڪن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جا اثر اسان جي قومي يادداشت ۾ اڃا تائين نقش آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن زلزلي متاثرين جي ياد ۾ عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ اربع ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي سڄي دنيا ۾ زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، زلزلي متاثرين جي ياد ۾ گڏيل قومن پاران مختص ان عالمي ڏهاڙي جو مقصد زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جي ياد کانسواءِ بچي ويندڙن سان همدرديءَ جي اظهار ۽ قدرتي آفتن سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري، ٺوس حڪمت عملي ۽ عوامي آگاهي لازمي آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي هي ڏينهن عالمي تعاون جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪري ٿو، قدرتي آفتن کان بچاءُ جي اڳواٽ اطلاع جي ٽيڪنالاجي ۽ ڍانچن جي مضبوطي ۾ ٺوس گڏيل تعاون انتهائي ضروري آهي، تعميراتي شعبي ۾ حفاظتي رخن کي شامل ڪري زلزلن جي ڪري تباهي کي ممڪن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جا اثر قومي يادداشت ۾ نقش آهن، ان زلزلي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا ۽ اٽڪل 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا، ڪجهه لمحن ۾ پاڪستان ۾ گهرا انساني، سماجي ۽ معاشي اثر پيا، ان سانحي جي متاثرين جي ثابت قدمي ۽ حوصلو انساني عزم جو روشن مثال آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان سانحي کانپوءِ ٺوس اداراجاتي سڌارا متعارف ڪرايا ته جيئن آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائي سگهجي، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو قيام هڪ ٺوس قومي فريم ورڪ جي جوڙجڪ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. هن چيو ته جيتوڻيڪ زلزلن جي اڳڪٿي ممڪن نه آهي تنهن هوندي به اين ڊي ايم اي تاريخي رجحانن، فالٽ لائين ڊيٽا ۽ جاگرافيائي ٽيڪنالاجي جي مدد سان وڌيڪ خطرناڪ علائقن جي نشاندهي ڪري ٿو ته جيئن شروعاتي تنبيهه، انفراسٽرڪچر جي مضبوطي، تياري ۽ نقصانن ۾ گهٽتائي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته عالمي ڪوششن جي ڏس ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي آفتن بابت آفيس جي خطرن ۾ گهٽتائي (يو اين ڊي آر آر) ۽ سينڊائي فريم ورڪ 2030 – 2015ع تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، خاص طور تي شروعاتي وارننگ سسٽمز تائين برابر پهچ ۽ زلزلو برداشت ڪندڙ انفراسٽرڪچر جي فراهمي جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت تي پڻ زور ڏي ٿو، ملڪي سطح تي صلاحيت وڌائڻ ۽ عوامي آگاهي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي جنهن ۾ ڪميونٽي فرسٽ ريسپانڊرز جي تربيت، پاڪستان اسڪول سيفٽي پروگرام (پي ايس ايس ايف) ۾ آفتن بابت تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ۽ جاگرافيائي معلوماتي نظام (جي آءِ ايس) ۽ سيٽلائيٽ ماڊلنگ ۾ سيڙپڪاري شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ محفوظ ۽ مضبوط مستقبل جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ۽ عالمي سطح تي پڻ احساس ڏياري ٿي ته اها گڏيل قدمن ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي گڏيل ڪوششن کي مضبوط ڪري.











