آءِ جي سنڌ پاران صوبي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء پوليس کي نئين حڪمت عملي تحت ڪاررايون تيز ڪرڻ جي ھدايت

لاڙڪاڻو - 28 اپريل (اي پي پي) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو صوبي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء پوليس کي نئين حڪمت عملي تحت ڪاررايون تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته صوبي مان منشيات، خاص طور تي گٽڪن ۽ چرس جي خلاف نئين حڪمت عملي ۽ بنا رعايت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، منشيات جي ڪيسن ۾ ٺوس ثبوتن سان جوابدارن کي ناقابل ضمانت بڻايو وڃي، امن …

لاڙڪاڻو – 28 اپريل (اي پي پي) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو صوبي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء پوليس کي نئين حڪمت عملي تحت ڪاررايون تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته صوبي مان منشيات، خاص طور تي گٽڪن ۽ چرس جي خلاف نئين حڪمت عملي ۽ بنا رعايت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، منشيات جي ڪيسن ۾ ٺوس ثبوتن سان جوابدارن کي ناقابل ضمانت بڻايو وڃي، امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي بردداشت نه ڪئي ويندي، عوامي شڪايتن جي وقت سر تدارڪ ۽ پوليس ريسپانس کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، امن امان قائم ڪرڻ، ڏوھن جي روڪٿام ۽ منشيات جي خلاف قدم پوليس جي بنيادي ذميواري آهي، امن امان جي موجوده صورتحال تي تسلي نه ڪنداسين، پوليسنگ کي وڌيڪ بهتري ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، ڪڇي ايريا آپريشن "نجات مهراڻ” ۽ پوليس قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. آءِ جي سنڌ کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو / سکر پاران شهرن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، ڏوھن جي شرح، پوليس ڪارڪردگي ۽ آپريشن نجات مهراڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو/ سکر ٻڌايو ته آپريشن نجات مهراڻ ۾ امن امان جي صورتحال مجموعي طور تي اطمينان جوڳي آهي ۽ ڏوھن جي خاتمي لاءِ اثرائتا اپاءَ جاري آهن. ڏوھاري عنصرن جي خلاف ٽارگيٽيڊ ڪارروايون جاري آهن. عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس جي موجودگي کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته منهنجي ٽيم امن امان قائم رکڻ لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته آپريشن نجات مهراڻ جي ڪاميابي آفيسرن ۽ جوانن جي اڻٿڪ محنت ۽ بهادري جو مثال آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات، خاص ڪري گٽڪن ۽ چرس جي خلاف نئين حڪمت عملي ۽ بنا رعايت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. اسان امن امان جي موجوده صورتحال تي رڳو تسلي نه ڪنداسين، پر پوليسنگ کي وڌيڪ بهتري ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. منشيات جي ڪيسن ۾ ٺوس ثبوتن سان جوابدارن کي ناقابل ضمانت بڻايو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي بردداشت نه ڪئي ويندي. عوامي شڪايتن جي وقت سر تدارڪ ۽ پوليس ريسپانس کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. امن امان قائم ڪرڻ، ڏوھن جي روڪٿام ۽ منشيات جي خلاف قدم پوليس جي بنيادي ذميواري آهي. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو/ سکر ناصر آفتاب، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري، ايس پي اسپيشل سکر، ايس پي اسپيشل لاڙڪاڻو ۽ ٻين سينئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.