اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي فتح -2 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، فتح - 2 جي ڪاميابي پاڪستان جي روشن، مضبوط ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته مقامي ٽيڪنالاجي …
وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران فتح – 2 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي فتح -2 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، فتح – 2 جي ڪاميابي پاڪستان جي روشن، مضبوط ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته مقامي ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل ميزائل سسٽم قومي پاڻڀرو ٿيڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ مسلسل بهتري پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن پاڪستان فوج اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي پيشيواراڻي مهارت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيوته پاڪ فوج جي تياري، صلاحيت ۽ پيشيواراڻي مهارت تعريف جوڳو آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته فتح -2 جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي نظام ۾ جديد اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو.











