اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فتح – 02 ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي هٿياربند فوج، انجنيئرن، سائنسدانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فتح - 02 ميزائل جو ڪامياب تجربو جديد فني مهارت …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران فتح – 02 ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فتح – 02 ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي هٿياربند فوج، انجنيئرن، سائنسدانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فتح – 02 ميزائل جو ڪامياب تجربو جديد فني مهارت ۽ وڌندڙ دفاعي پاڻڀرو ٿيڻ واضح مظهر آهي. هن چيو ته فتح سيريز جي ميزائلن جي ڪامياب تجربن پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بنائڻ طرف هڪ اهم سنگِ ميل آهي. هٿياربند فوج جا ڪامياب تجربا دشمن جي ناپاڪ اِرادن خلاف اثرائتي دفاع جي ضمانت آهن. هن پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي اڻٿڪ محنت، لڳن ۽ غير معمولي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني سائنسدان ۽ انجنيئر جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائي رهيا آهن، جيڪي تعريف جوڳا آهن. هن چيو ته پوري قوم هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي اڻٿڪ محنت ۽ پيشيوراڻي عزم جو اعتراف ڪندڙ آهي، پاڪستان هر قسم جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.











