اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن مسلسل ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1085.12 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 168412.23 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 1190.33 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 34.54 ملين رپيا هئي. ڪاروباري سرگرمين دوران 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 168 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 284 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 112 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪي ايس اي 30 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 1085.12 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 168412.23 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن مسلسل ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1085.12 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 168412.23 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 1190.33 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 34.54 ملين رپيا هئي. ڪاروباري سرگرمين دوران 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 168 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 284 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 112 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 418.65 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 50990.48 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1391.56 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 241834.15 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.083 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 0.5 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 66.9 ارب ڊالر رهيو. سينير جيڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 265575993 شيئرز، يوسف ويونگ ملز جي 9244298 شيئرز ۽ لوڊز لميٽيڊ جي 60112940 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ڪوه نور ملز لميٽيڊ، ڪلوور پاڪستان لميٽيڊ ۽ ديوان فاروق سپننگ ملز سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











