وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران فتح – 02 ميزائيل سسٽم جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪون

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ پاران مقامي طور تي تيار ڪيل فتح – 02 ميزائيل سسٽم جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب هن ان تجربي کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافي ۽ جديد …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ پاران مقامي طور تي تيار ڪيل فتح – 02 ميزائيل سسٽم جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب هن ان تجربي کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافي ۽ جديد عسڪري ٽيڪنالاجي ۾ پاڻڀرائپ طرف اهم اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. وقتي صدر ميزائيل سسٽم جي درستگي، جديد هدف بندي ۽ بهتر اسٽريٽجڪ خصوصيتن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو نظام پاڪستان جي دفاعي ڍانچي ۽ آپريشنل تياري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو. وقتي صدر اهم ٽيڪنيڪي رخن جي ڪامياب معائني تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڪاميابي جي پٺيان ڪم ڪندڙ آفيسرن، انجنيئرز ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ان اهم ڪاميابي کي قومي فخر جو لمحو قرار ڏيندي هن پاڪستان جي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں